سانو (ويب ڊيسڪ)ورلڊ چيمپيئن ڀارتي ٽيم واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ ميزبان جپان کي 2 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
برسات سبب متاثر ٿيل ميچ کي 5،5 اوورن في اننگز تائين محدود ڪيو ويو هو.
ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي 5 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 32 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان شرياس اَئيَر 12 بالن تي 16 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته سنجو سيمسن 9 ۽ ايشان ڪشن 3 رنسون ٺاهيون.
33 رنسن جي هدف جي جواب ۾ جپاني ٽيم مقرر 5 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 30 رنسون ٺاهي سگهي.
جپان کي آخري اوور دوران 4 بالن تي 8 رنسون گهربل هيون. ڀارت جي اڪشر پٽيل جي بال تي جپاني بيٽر اليگزينڊر شرائي پيٽمور ريورس هٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بال مس ڪري ويو، جنهن تي امپائر ڪرس ٿرگيٽ ان بال کي وائيڊ قرار ڏنو.
ان کانپوءِ ساڳئي قسم جي بال کي ٻيهر وائيڊ قرار ڏيڻ تي ڀارتي رانديگرن اعتراض ڪيو.
ان موقعي تي ليگ امپائر ۽ آءِ سي سي ايلائٽ پينل جي ميمبر ڪرس براون مداخلت ڪندي پنهنجي ساٿي امپائر کي فيصلو درست ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن کانپوءِ ٿرگيٽ پنهنجو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.
نتيجي ۾ جپان لاءِ آخري 3 بالن تي 7 رنسون رهجي ويون ۽ ڀارت 2 رنسن تان ميچ کٽي ورتي.
جپان طرفان ڪپتان ڪينڊل ڪادوواڪي فليمنگ 12 ۽ بينجمن اِٽو ڊيوس 9 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.
ڀارت جي واشنگٽن سُندر 2 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شرياس اَئيَر کي بهترين ڪارڪردگي تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
وائيڊ هو يا نه؟ امپائر جي فيصلي تي بحث ڇو ٿيو؟
ڪرڪيٽ ۾ وائيڊ بابت آءِ سي سي جي هدايتن موجب، جيڪڏهن بيٽر ريورس هٽ يا سوئچ هٽ جي ڪوشش ڪري ته وڪيٽ جا ٻئي پاسا آف سائڊ تصور ٿيندا. اهڙي صورتحال ۾ بال ٻاهرين اسٽمپ کان 75 سينٽي ميٽر کان وڌيڪ پري هجي ته ئي ان کي وائيڊ قرار ڏنو ويندو.
رپورٽ موجب، شرائي پيٽمور بال اچڻ کانپوءِ پنهنجو اسٽانس تبديل ڪيو، پر گائيڊ لائن موجب اهو فرق نٿو پوي ته بيٽر بال رليز ٿيڻ کان اڳ يا پوءِ اسٽانس تبديل ڪيو. هڪ ڀيرو بيٽر ٻئي پاسي کي استعمال ڪرڻ لاءِ اسٽانس تبديل ڪري ٿو ته ٻنهي پاسن کي آف سائڊ تصور ڪيو ويندو.
ميچ ۾ ٽي وي امپائر ۽ ڊي آر ايس جي سهولت موجود نه هئي. تنهن هوندي به آن فيلڊ امپائر ايندڙ بال ٿيڻ کان اڳ پنهنجو فيصلو تبديل ڪري سگهي ٿو.
رپورٽ موجب، پهرين وائيڊ جو فيصلو شايد اوچتو ٿيو، جنهن سبب ان وقت امپائرن کي ردعمل جو موقعو نه مليو، پر پهرين غلطي کي ٻي وائيڊ برقرار رکڻ جو جواز نٿو بڻائي سگهجي.