نِشين (ويب ڊيسڪ)ايشين گيمز جي وومينز ڪرڪيٽ مقابلي جي فائنل ۾ ڀارت سريلنڪا کي 147 رنسن تان شڪست ڏئي گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
ڀارتي وومينز ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 216 رنسون ٺاهيون، سمرتي منڌنا 79 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته رچا گهوش 22 بالن تي 49 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي.
شيفالي ورما 48 ۽ ڪپتان هرمن پريت ڪور 19 رنسون ٺاهيون.
ڀارت جي 217 رنسن جي هدف جي جواب ۾ سريلنڪن ٽيم 15.4 اوورن ۾ رڳو 69 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ڪپتان چماري اٿاپٿو 29 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهي.
ڀارت طرفان ديپتي شرما شاندار بالنگ ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شيفالي ورما، شريچارني ۽ شريئانڪا پٽيل 2،2 وڪيٽون ورتيون.
ايشين گيمز: ڀارتي وومينز سريلنڪا کي 147 رنسن تان مات ڏئي ٻيو ڀيرو گولڊ ميڊل ماڻي ورتو
You might also like