ڏينهن رات جو فرق ختم ٿي ويندو، سيپٽمبر جي اهم تاريخ ويجهو اچي وئي

سيپٽمبر جي اهم تاريخ اچي وئي آهي، جڏهن ڏينهن ۽ رات جو دورانيون لڳ ڀڳ برابر ٿي ويندو.
ان موقعي تي سج اتر اڌ گول کان ڏکڻ اڌ گول ڏانهن سفر ڪندي خط استوا جي صفا مٿان پهچي ويندو.
سيپٽمبر جي پڄاڻي ويجهو ايندي ئي اتر اڌ گول ۾ سرءُ، جڏهن ته ڏکڻ اڌ گول ۾ بهار جي موسم شروع ٿيندي آهي.
ان دوران هڪ اهم فلڪياتي واقعو پڻ رونما ٿيندو آهي، جنهن کي ”اعتدال خريفي“چيو ويندو آهي.
اعتدال خريفي هر سال عام طور 21 کان 24 سيپٽمبر جي وچ ۾ ٿيندو آهي، جڏهن ته هلندڙ سال اهو فلڪياتي واقعو 23 سيپٽمبر تي ٿيندو.
ان موقعي تي سج اتر اڌ گول کان ڏکڻ اڌ گول ڏانهن وڌندي خط استوا جي بلڪل مٿان پهچندو.
اعتدال خريفي دوران پاڪستان سميت دنيا جي اڪثر علائقن ۾ ڏينهن ۽ رات جو دورانيون برابر ٿي ويندو ۽ ٻئي لڳ ڀڳ 12، 12 ڪلاڪن جا هوندا.
واضح رهي ته خط استوا ڌرتيءَ جي وچ مان گذرندڙ هڪ فرضي ليڪ آهي، جيڪا ڌرتيءَ کي اتر ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ ورهائي ٿي.
هن فلڪياتي واقعي جي هڪ دلچسپ خاصيت اها به آهي ته ان موقعي تي سج بلڪل اوڀر کان اڀرندو ۽ اولهه ۾ لهندو. اعتدال خريفي کان اڳ سج اڀرڻ جو هنڌ اتر اوڀر طرف هوندو آهي، جڏهن ته ان کان پوءِ اهو هوريان هوريان ڏکڻ اوڀر طرف منتقل ٿيڻ لڳندو آهي.

ڌرتيءَ جي جهڪاءَ سان موسم ڪيئن تبديل ٿيندا آهن؟
ڌرتي سج جي چوڌاري پنهنجي مدار ۾ گردش ڪندي هڪ خاص زاويي تي جهڪيل آهي. ڌرتيءَ جو اهو جهڪاءُ ئي موسم جي تبديلي جو بنيادي ڪارڻ آهي، ڇاڪاڻ ته سال جي مختلف وقتن ۾ سج جي روشني ڌرتيءَ جي مختلف حصن تي مختلف زاوين سان پوندي آهي.
اعتدال خريفي جي موقعي تي سج خط استوا جي مٿان هوندو آهي، جنهن سبب ڌرتيءَ جي ٻنهي اڌ گولن کي سج جي روشني اٽڪل برابر مقدار ۾ ملندي آهي.

مارچ ۾ به ڏينهن ۽ رات لڳ ڀڳ برابر ٿيندا آهن
ڏينهن ۽ رات جي دورانيي ۾ لڳ ڀڳ برابري واري صورتحال مارچ ۾ به پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ”اعتدال ربيعي“رونما ٿيندو آهي. ان وقت سج ڏکڻ اڌ گول کان اتر اڌ گول ڏانهن وڌندي خط استوا کي پار ڪندو آهي.
اهڙيءَ طرح جون ۾ Summer Solstice، جڏهن ته ڊسمبر ۾ Winter Solstice جو مرحلو ايندو آهي.
جون ۾ سال جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڏينهن، جڏهن ته ڊسمبر ۾ مختصر ترين ڏينهن هوندو آهي.
انهن موقعن کان پوءِ ڏينهن ۽ رات جي دورانيي ۾ آهستي آهستي تبديلي ايندي رهندي آهي.

23 سيپٽمبر کان پوءِ ڪهڙي تبديلي ايندي؟
23 سيپٽمبر تي اعتدال خريفي کان پوءِ اتر اڌ گول ۾ ڏينهن جو دورانيون هوريان هوريان گهٽ ۽ راتيون ڊگهيون ٿيڻ شروع ٿينديون، جڏهن ته ڏکڻ اڌ گول ۾ ڏينهن ڊگها ۽ راتيون مختصر ٿيڻ لڳنديون.
ان فلڪياتي تبديلي سان گڏ اتر اڌ گول ۾ سرءُ ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ بهار جي موسم جي شروعات ٿيندي.
تنهن هوندي به دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اعتدال جو تعلق ڏينهن ۽ رات جي بنهه برابر هجڻ سان آهي، پر فضا ۾ روشني جي پکڙجڻ ۽ سج اڀرڻ ۽ لهڻ جي سائنسي وصف سبب دنيا جي هر هنڌ ڏينهن ۽ رات جو دورانيون بلڪل 12، 12 ڪلاڪ نه هوندو.

You might also like