ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال ڪراچي کي ٻيهر لساني جنگ ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو.
مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي ردعمل ڏيندي سعديه جاويد چيو ته ڪراچي کي را جي پگهار تي هلائيندڙ اڄ اسان کي گورننس جو درس ڏئي رهيا آهن.
هن چيو ته ”ڪمال صاحب، توهان ڪراچي کي ٻيهر لساني جنگ ۾ ڌڪڻ چاهيو ٿا، چائنا ڪٽنگ جي باني اڄ انفرااسٽرڪچر تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪوڙو راڳ الاپي رهيا آهن.“
سنڌ حڪومت جي ترجمان مطالبو ڪيو ته مصطفيٰ ڪمال جي ميئرشپ واري دور جو باقاعده فرانزڪ آڊٽ ڪرايو وڃي ۽ حساب وٺڻ لاءِ جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ”ساڍا 350 ارب رپيا ڪيڏانهن ويا؟ آڊٽ ٿيو ته ڪمال جا سمورا ڪمال وائکا ٿي ويندا.“
ڪراچي کي ”را“جي پگهار تي هلائيندڙ اڄ اسان کي گورننس جو درس ڏئي رهيا آهن: ترجمان سنڌ حڪومت
You might also like