ايم ڪيو ايم قيادت جي ٻولي برداشت جوڳي ناهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم قيادت جيڪا ٻولي استعمال ڪري رهي آهي، اها برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي.
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم قيادت جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم وڳوڙ ۽ فتني کي هٿي ڏئي نفرت جا ٻج پوکڻ چاهي ٿي، پر حڪومت انهن جي اها سازش ناڪام بڻائيندي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم قيادت جيڪا ٻولي استعمال ڪري رهي آهي، اها ناقابل برداشت آهي، جڏهن ته حڪومت کي مصنوعي چوڻ واري ايم ڪيو ايم پهريان پنهنجو مينڊيٽ ثابت ڪري.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم افراتفري ۽ 90ع واري ڏهاڪي واري سياست چاهي ٿي، ڀتاخوري، ٻور بند لاش، ڀنگ عيوض اغوا ۽ ساڙيندڙ ۽ گهيراءُ واري سياست ايم ڪيو ايم ڏني.
سندس چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي صوبن بابت پنهنجو فيصلو ٺهراءَ ذريعي ڏئي چڪي آهي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وٽ اڪثريت هجي ها ته اها مڪاني چونڊن کان فرار نه ٿئي ها.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم وارا مينڊيٽ جي ڳالهه ڪن ٿا ته ماڻهن کي کل اچي ٿي، سندن حقيقي اڪثريت بابت سڀني کي خبر آهي.

You might also like