سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو آهي ته ويرات ڪوهلي پنهنجي عروج وارن سالن ۾ ڪيتريون ئي ميچون نه کيڏيون، جيڪڏهن هو هر ميچ ۾ ميدان تي لهي ها ته ممڪن آهي ته هن وقت تائين 100 انٽرنيشنل سينچريون مڪمل ڪري چڪو هجي ها.
مائيڪل ڪلارڪ موجب، ”منهنجي خيال ۾ ويرات ڪوهلي پنهنجي عروج واري عرصي ۾ ڪيتريون ئي ميچون نه کيڏيون.“
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪوهلي پنهنجي عروج واري دور ۾ هر ميچ کيڏي ها ته ممڪن آهي ته اڄ هو 100 انٽرنيشنل سينچريون مڪمل ڪري چڪو هجي ها.
ويرات ڪوهلي اڄ تائين 100 انٽرنيشنل سينچريون ڇو نه ڪري سگهيو؟ مائيڪل ڪلارڪ ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو
You might also like