عمران خان جون ڀينرون امن امان لاءِ خطرو، عليمه خان کانپوءِ نورين ۽ عظميٰ به ٿري ايم پي او تحت نظر بند

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي گرفتاري کانپوءِ سندس ٻه ٻيون ڀينرون نورين نيازي ۽ ڊاڪٽر عظميٰ نيازي کي به نظربند ڪيو ويو آهي.
سومر ڏينهن ٽنهي ڀينرن کي ٿري ايم پي او تحت 30 ڏينهن لاءِ ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو.
لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر عليمه خان جي 30 ڏينهن واري نظربندي جو حڪم جاري ڪيو.
پوليس موجب, عليمه خان کي لاهور مان گرفتار ڪري ڪوٽ لکپت جيل نيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر لاهور جي حڪم نامي ۾ پوليس رپورٽ جي بنياد تي امن امان بابت خدشن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
حڪم نامي موجب، نورين نيازي ۽ ڊاڪٽر عظميٰ خان کي پنجاب مينٽيننس آف پبلڪ آرڊر آرڊيننس 1960ع جي شق 3 تحت 30 ڏينهن لاءِ نظربند ڪيو ويو آهي.
حڪم ۾ پوليس ۽ ضلعي انٽيليجنس برانچ جي رپورٽن ۽ سفارشن جو حوالو ڏنو ويو آهي.
حڪم نامي موجب، پوليس ٻنهي عورتن جي سرگرمين کي امن امان ۽ عوامي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏيندي 30 ڏينهن جي نظربندي جي سفارش ڪئي هئي.
حڪم نامي ۾ 9 مئي 2023ع جي احتجاج، روڊ بلاڪ ڪرڻ، سرڪاري ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان رسائڻ لاءِ ڪارڪنن کي ورغلائڻ، سوشل ميڊيا ۽ عوامي گڏجاڻين ذريعي ڪارڪنن کي سرگرم ڪرڻ ۽ حڪومت توڙي ادارن خلاف مبينا طور اعتراض جوڳن نعرن جو به حوالو ڏنو ويو آهي.
حڪم نامي ۾ ريس ڪورس ٿاڻي تي داخل ڪيس نمبر 96/23 سميت ڪيترن ئي ڪيسن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
اطلاعن موجب، نورين ۽ عظميٰ جي نظربندي کان هڪ ڏينهن اڳ نورين نيازي جي ڌيءَ هاجرا نيازي ۽ سندس مڙس کي به لاهور ۾ هڪ ناڪي تي پوليس گرفتارورتو هو. گهرڀاتين موجب ٻنهي کي مختلف ٿاڻن تي وٺي وڃڻ کانپوءِ ڪجهه دير بعد آزاد ڪيو ويو.
اهي گرفتاريون اهڙي وقت ٿيون آهن، جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف 27 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۽ اسلام آباد طرف مارچ جو اعلان ڪيو آهي.
پارٽي جو چوڻ آهي ته احتجاج جو مقصد عمران خان جي آزادي ۽ آئين جي بالادستي لاءِ سياسي جدوجهد آهي، جڏهن ته اختيارين امن امان برقرار رکڻ لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like