مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) مسجد الحرام جو بانگو شيخ ابراهيم المدني لاڏاڻو ڪري ويو.
سعودي ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته مسجد الحرام جو مؤذن شيخ ابراهيم المدني لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
حرمين جي ايڪس اڪائونٽ تي شيخ ابراهيم المدني جي تصوير جاري ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته هو ڪڏهن ڪڏهن مسجد الحرام جي ”مڪبريه“ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين، خاص طور رات جي آخري پهر ۾، عبادت ۽ الله تعاليٰ جي قرب حاصل ڪرڻ ۾ مشغول رهندو هو.
شيخ ابراهيم المدني جي وفات تي سندس چاهيندڙن ۽ عقيدتمندن طرفان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
You might also like