اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جيڪو به اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ يا وفاقي گادي واري شهر کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ان سان قانون موجب سختي سان منهن ڏنو ويندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته خيبرپختونخوا پوليس جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، اسان جا جوان شهيد ٿي رهيا آهن، اهي شهيد رڳو اسان جا يا انهن جا ناهن، پر پاڪستان جا شهيد آهن.
هن چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر ڪو به وزير شهيدن جي جنازي ۾ نه آيو.
هن سوال ڪيو ته ڇا اوهان ايترا بي حس ٿي ويا آهيو جو نه پاڻ ۽ نه ئي ڪو وزير شهيدن جي جنازي ۾ ويو؟
محسن نقوي چيو ته پي ٽي آءِ جا اڪثر ماڻهو لانگ مارچ ڪرڻ نٿا چاهين، کين پاڻ به خبر ناهي ته سندن مطالبو ڇا آهي، عمران خان جو علاج قانون موجب ٿيندو، سندن مرضي موجب نه، عمران خان جو ڪالهه به طبي معائنو ڪيو ويو آهي.
وفاقي گهرو وزير چيو ته اسلام آباد تي ڪاهه هڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جيڪو به وفاقي گادي واري شهر کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ان سان قانون موجب سختي سان منهن ڏنو ويندو.
هن چيو ته اسان وٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم موجود آهي ۽ ان تي عمل ڪرايو ويندو.
هن چيو ته اڃا به وقت آهي، بند گهٽي ۾ نه وڃو ۽ اهڙي جاءِ تي نه وڃو، جتان واپسي جو رستو نه هجي، اسان وٽ جيڪو به قانوني رستو هوندو، اهو اختيار ڪيو ويندو.
محسن نقوي چيو ته هن ڀيري ائين نه ٿيندو ته اوهان اچو ۽ ملڪ 10، 20 ڏينهن لاءِ بند ٿي وڃي.
هن ڀيري مستقل حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي ۽ وفاقي حڪومت ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، جيڪو مستقل بنيادن تي هوندو.
اسلام آباد کي ”سومنات“ بڻائڻ جي ڌمڪي بابت سوال تي گهرو وزير چيو ته جيڪي ڀڀڪيون هڻن ٿا، انهن کي ڀڀڪيون هڻڻ ڏيو، ان سان ڪو فرق نٿو پوي.
ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت سوال تي محسن نقوي چيو ته هو معيشت بابت وڌيڪ ڳالهائڻ نٿو چاهي، عالمي مارڪيٽ جي حساب سان پيٽرول جون قيمتون وڌن ٿيون، جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ته پيٽرول موجود ئي ناهي.
هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ وفاقي وزير درست چيو ته هزار رپين ۾ به پيٽرول نه ملندو، هر ماڻهو هڪ هڪ جهاز جي پويان جان لڳائي رهيو آهي.
صوبن بابت سوال تي محسن نقوي چيو ته هو پراميد آهي ته نوان صوبا ضرور ٺهندا ۽ نون صوبن جو معاملو وڏي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.
Prev Post
You might also like