پروگرام جي ميزباني ۾ دلچسپي ناهي: بگ باس قسط ۾ سلمان خان جو پارو هاءِ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)مشهور ترين حقيقت تي ٻڌل تفريحي پروگرام ’بگ باس‘ جي 20هين موسم جي ماهوار خاص قسط دوران ميزبان ۽ نامياري اداڪار سلمان خان سخت ڪاوڙجي پيو، جتي هن شرڪت ڪندڙن کي سندن روين تي ڇنڊ پَٽي.

سلمان خان گهر ۾ موجود شرڪت ڪندڙن جي هڪ ٻئي سان نامناسب رويي، جهيڙن ۽ پروگرام جي قاعدن ۽ ضابطن جي لڳاتاڙ ڀڃڪڙي تي سخت ناراض نظر آيو.

ڪاوڙ ۾ سلمان خان ايتري قدر چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن گهر جا شرڪت ڪندڙ پنهنجو رويو درست نٿا ڪن ۽ نظم ۽ ضبط جي پابندي نٿا ڪن ته هو پروگرام جي ميزباني جاري رکڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي.

سلمان خان جي سخت ردعمل کان پوءِ سماجي رابطن واري ميڊيا تي بگ باس جي مداحن وچ ۾ بحث ڇڙي پيو، جنهن کان پوءِ ايندڙ قسطن بابت تجسس وڌيڪ وڌي ويو.

You might also like