افغانين جا حامي شاگرد خيرخواهي تحت ڪنهن افغان درسگاهه ۾ تعليم وٺڻ لاءِ ٿوري ڪوشش ڪري ڏسن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغانن جي حامين شاگردن کي خيرسگالي لاءِ افغانستان جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

بچاءَ واري وزير افغان شاگردن جي حق ۾ سرگرم شاگردن جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته پنج ڏهاڪن تائين افغانن کي پناهه ڏني ۽ پنهنجي محدود وسيلن ۾ انهن کي حصيدار بڻايو.

هن چيو ته نيٽو فوجن جي افغانستان مان واپسي کان پوءِ افغانستان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، اميد هئي ته اسان جي سرحد محفوظ رهندي ۽ ٻئي پاڙيسري امن سان رهندا.

هن چيو ته اسان جي مسجدن، اسڪولن ۽ فوج تي حملا ڪندڙ دهشتگردن ۾ 70 کان 80 سيڪڙو افغان شهري هوندا آهن. افغان اسان جي ازلي دشمن ڀارت سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن.

بچاءَ واري وزير چيو ته منهنجا ۽ فوجي توڙي سول قيادت جا افغانن سان سڌا ۽ اڻسڌا رابطا لڳاتار جاري آهن. لڳاتار رابطن باوجود افغانن جي نفرت ۽ دشمني ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني شاگردن جي افغان شاگردن سان يڪجهتي محبت کان وڌيڪ سندن سياسي لاڙن جي عڪاسي ڪري ٿي. ڏهاڪن تائين ميزباني ڪرڻ ۽ وسيلن ۾ حصيداري ڪرڻ باوجود سندن ذهني لاڙا تبديل نه ٿي سگهيا.

خواجا آصف چيو ته افغانن جي حامين شاگردن کي خيرسگالي لاءِ افغانستان جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. انهن پاڪستاني شاگردن جو رويو افغانستان مان ايندڙ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي رت جي توهين آهي.

هن چيو ته ڪنهن هڪ سياسي جماعت جي محبت ۾ ايترو اڳتي نه وڃو، جو اوهان کي پاڪستاني رت سستي لڳڻ لڳي.

You might also like