واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي اداري نيشنل ايروناٽڪس اينڊ اسپيس ايڊمنسٽريشن (ناسا) طرفان 19 سيپٽمبر تي سڄي دنيا جي ماڻهن کي چنڊ ڏسڻ واري عالمي سرگرمي ”انٽرنيشنل آبزرو دي مون نائيٽ“ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هجو، آسمان ڏانهن نظر وجهڻ سان سڀ ماڻهو هڪ ئي چنڊ ڏسن ٿا. 19 سيپٽمبر تي ملهايو ويندڙ هي ڏينهن هر سال چنڊ جو مشاهدو ڪرڻ ۽ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو ويندو آهي.
هي ڏينهن انسان جي سڀ کان ويجهي آسماني پاڙيسري چنڊ کي ويجهڙائي کان ڏسڻ، ان بابت سکڻ ۽ فلڪيات ۾ دلچسپي وڌائڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي.
دنيا جي مختلف حصن مان ماڻهو گڏجي چنڊ جو مشاهدو ڪرڻ ۽ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺندا آهن، جن ۾ چنڊ جو مشاهدو، عملي سرگرميون، چنڊ بابت موسيقي، فن ۽ مطالعي جون سرگرميون شامل آهن.
ناسا موجب، ماڻهو پنهنجي گهر مان چنڊ جو مشاهدو ڪري سگهن ٿا، آن لائن يا روبرو تقريب منعقد ڪري سگهن ٿا يا پنهنجي ويجهو ٿيندڙ ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا.
You might also like