ڀارتي رياست تلنگانا ۾ زال مڙس جي جهيڙي خوفناڪ رخ اختيار ڪري ورتو، جتي هڪ شخص مبينا طور پنهنجي زال جي نڪ کي ڏندن سان چڪ هڻي ڪٽي ڇڏيو، جنهن سبب عورت سخت زخمي ٿي پئي.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعو منچيريال ضلعي جي ڪوٽاپلي علائقي ۾ پيش آيو. متاثر عورت ممتا ۽ سندس مڙس مني چندر وچ ۾ ڪجهه عرصي کان گهرو اختلاف هلندڙ هئا، جنهن سبب عورت لڳ ڀڳ 10 ڏينهن اڳ مڙس جو گهر ڇڏي پنهنجي والدين وٽ اچي رهي هئي.
رپورٽن موجب مڙس کيس لڳاتار واپس گهر اچڻ لاءِ چئي رهيو هو، پر عورت واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
واقعي واري ڏينهن جوابدار پنهنجي زال کي واپس وٺي وڃڻ لاءِ سهري جي گهر پهتو، جتي سندس سهري سان سخت ڪلامي ٿي. الزام آهي ته هن پهريان پنهنجي سهري تي لٺ سان حملو ڪري کيس زخمي ڪيو.
ممتا پنهنجي والد کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مڙس مبينا طور مٿس به حملو ڪري ڏنو ۽ سندس نڪ کي ايترو زور سان چڪ هنيو، جو نڪ جو هڪ حصو ڌار ٿي ويو.
پوليس موجب سخت زخمي عورت کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ وڌيڪ علاج لاءِ ايم جي ايم اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.