مير مرتضيٰ ڀٽو بهادري ۽ عوامي حقن جي جدوجهد جي علامت هو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي جنم ڏينهن جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته مير مرتضيٰ ڀٽو بهادري ۽ عوامي حقن جي جدوجهد جي علامت هو.
پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو اڄ به انصاف، جمهوريت ۽ عوامي حقن جي علمبردارن جي دلين ۾ زنده آهي.
هن چيو ته ڀٽو خاندان جون قربانيون پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو نه وسارڻ جوڳو باب آهن، قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شهنواز ڀٽو جون يادون اسان جي جدوجهد جو سرمايو آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀٽو خاندان جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن.
هن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي جنم ڏينهن جي موقعي تي ترقي پسند، جمهوري ۽ سمورن طبقن کي شامل ڪندڙ پاڪستان لاءِ جدوجهد جاري رکڻ واري عزم کي ورجائڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

You might also like