چين جو ايران سان گڏ بيهڻ جو اعلان، آمريڪا کي صبر جو مشورو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته سندس ملڪ ايران جي حقن جي تحفظ لاءِ تيار آهي.
واضح رهي ته ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي هن وقت چين جي دوري تي آهي ۽ چيني هم منصب ساڻس ملاقات دوران ايران جي حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بيجنگ ۾ عباس عراقچي سان ملاقات دوران چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چيو ته چين ”ايران سان رابطن ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ايران جي جائز حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ تيار آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”اسان ايران ۽ آمريڪا ٻنهي کي صلاح ڏيون ٿا ته ڏاهپ ۽ صبرو جو مظاهرو ڪن.“
وانگ يي چيو ته اسان علائقائي ڇڪتاڻ کي يمن ۽ ڳاڙهي سمنڊ تائين پکڙجندي ڏسڻ نٿا چاهيون.
ياد رهي ته چيني صدر شي جن پنگ ايندڙ هفتي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات لاءِ واشنگٽن جو دورو ڪندو.
ياد رهي ته هن هفتي چين آمريڪي ميڊيا ۾ شايع ٿيل انهن خبرن جي ترديد ڪئي، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته چيني ادارن ايران کي هڪ اهڙي فوجي اڏي جون سيٽلائيٽ تصويرون فراهم ڪيون، جتي اردن ۾ آمريڪي فوجون مقرر آهن.
هن حملي ۾ ٽي آمريڪي فوجي مارجي ويا هئا.

You might also like