جده (ويب ڊيسڪ) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) مڪي ۽ مديني ريجن تي حوثين جي مبينا حملن ۽ سعودي عرب خلاف اڳرائيءَ جي مذمت ڪئي آهي.
او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ پاران ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ”انهن حملن سبب بيگناهه شهري ڊنل آهن، مقدس هنڌن ۽ مسجدن جو تقدس پامال ٿيو ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا.“
او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ جي بيان ۾ چيو ويو ته ”مقدس هنڌن، مسجدن ۽ شهري ٿاڪن خلاف حوثين جون ڪارروايون اهڙي دهشتگردي آهن، جيڪا اسلامي قدرن، عالمي اصولن ۽ قانون جي ابتڙ آهي.“
مڪي ۽ مديني تي حوثين جا حملا، مقدس هنڌن ۽ مسجدن خلاف ڪارروائيون دهشتگردي آهن: او آءِ سي
You might also like