انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوهلي وڏي اسڪرين تي گڏ نظر ايندا؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا انوشڪا شرما ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي جي پهريون ڀيرو گڏ فلم ۾ نظر اچڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هي جوڙي فلم ’هنومان انش‘ جي سيڪوئل ۾ مختصر ڪردار ۾ گڏ نظر اچي سگهي ٿي. ان حوالي سان فلم جي گڏيل پروڊيوسر نمرا سنگهه ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته فلم جي پروڊڪشن ٽيم ڪيترين ئي مشهور شخصيتن سان رابطو ڪيو آهي، جن ۾ ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما پڻ شامل آهن.

رپورٽ موجب فلم ۾ ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جي ممڪن شرڪت کي نيم ڪرولي بابا سان سندن عقيدت جي پسمنظر ۾ ڏيکاريو ويندو.

واضح رهي ته ’هنومان انش‘ نيم ڪرولي بابا جي زندگي تي ٻڌل فلم آهي، جنهن جي ڪاميابي کان پوءِ ان کي ٽن حصن تي ٻڌل سيريز ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي.

جيڪڏهن ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما واقعي هن فلم جي سيڪوئل جو حصو بڻجن ٿا ته مداح هن جوڙي کي پهريون ڀيرو هڪ ئي فلم ۾ گڏ ڏسي سگهندا.

You might also like