ٽي وي تي يوٽيوب استعمال ڪريو ٿا؟ ته هي نئون فيچر ضرور پسند ايندو!

يوٽيوب تازو ئي ٽيليويزن (ٽي وي) تي وڊيوز ڏسڻ جي عمل کي ريموٽ ڪنٽرول کانسواءِ ممڪن بڻايو هو. مطلب هاڻي توهان پنهنجي اسمارٽ فون کي ئي ٽي وي تي سرچ ڪرڻ، ڪمينٽس ۽ ٻين ڪمن لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ ان دوران ٽي وي تي هلندڙ وڊيو کي روڪڻ يا ان ۾ ڪا تبديلي ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.

رپورٽ موجب هاڻي يوٽيوب طرفان فون کي هڪ ٻيو ڪارائتو ٽول ڏنو پيو وڃي. هن ٽول ذريعي واهپيدار ٽي وي تي پنهنجي يوٽيوب اڪائونٽ کي لاڪ ۽ ان لاڪ ڪري سگهندا.

ڪمپني طرفان ٽي وي ايپ لاءِ نئون اڪائونٽ لاڪ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.

هن فيچر ذريعي صارف پنهنجي اڪائونٽ کي 4 انگن تي ٻڌل ڪوڊ ذريعي محفوظ ڪري سگهندا. هي فيچر اهڙي ٽي وي لاءِ وڌيڪ ڪارائتو هوندو، جنهن کي ڪيترائي ماڻهو استعمال ڪندا هجن ۽ توهان پنهنجي پروفائل سان هلندڙ اڪائونٽ کي ٻين ماڻهن جي رسائي کان پري رکڻ چاهيو.

فيچر ڪيئن استعمال ڪجي؟

هن فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ٽي وي تي يوٽيوب ايپ کوليو.

اتي کاٻي پاسي موجود نيويگيشن مينيو ۾ پنهنجي اڪائونٽ کي چونڊيو ۽ پوءِ ان جي هيٺ موجود سيٽنگز ۾ وڃو. اتي نظر ايندڙ هدايتن تي عمل ڪندي اڪائونٽ لاڪ کي آن ڪريو ۽ پنهنجو ڪوڊ تيار ڪريو. هي ڪوڊ رڳو انهيءَ مخصوص ٽي وي تي ڪم ڪندو.

توهان کي هر ڀيري ريموٽ ذريعي ڪوڊ داخل ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. جڏهن ٽي وي تي لاڪ ٿيل پروفائل چونڊيو ويندو ته پوءِ پنهنجي فون تي يوٽيوب کولڻو پوندو ۽ اتي نظر ايندڙ هدايتن تي عمل ڪرڻو پوندو.

هن عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل نوٽيفڪيشنز کي فعال پڻ ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن توهان ڪوڊ وساري ڇڏيو ته ٽي وي تي اڪائونٽ مستقل طور لاڪ نه رهندو. لاڪ اسڪرين تي Forgot Code چونڊي پنهنجي سڃاڻپ جي تصديق ڪرائڻي پوندي.

ائين ڪرڻ کان پوءِ ڊوائيس مان اڪائونٽ لاڪ ڊس ايبل ٿي ويندو.

ڪمپني موجب، هي فيچر دنيا جي اڪثر اسمارٽ ٽي ويز، اسٽريمنگ ڊوائيسز ۽ گيم ڪنسولز لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.

You might also like