واهپيدارن جو ڊجيٽل ڊيٽا خاموشيءَ سان وڏي پيماني تي گڏ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ايپس طرفان برائوزنگ هسٽري، لوڪيشن ۽ رابطن (Contacts) تائين ڳجهي رسائي حاصل ڪرڻ، جڏهن ته واهپيدار کي ان جي مڪمل ڄاڻ نه هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، “Accept” يا “Allow” تي ڪلڪ ڪرڻ سان ذاتي ڊيٽا تائين رسائي حاصل ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته لوڪيشن ۽ سرچ هسٽري محفوظ ڪئي ويندي آهي ۽ الگورٿمز ذريعي واهپيدار جي سياسي، مذهبي ۽ ذاتي ترجيحن جو اندازو لڳائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
واهپيدار جو ڊيٽا هڪ اهم اثاثو بڻجي چڪو آهي. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي وڌندڙ استعمال سان واهپيدار جي پرائيويسي جي حقن بابت هڪ ڀيرو ٻيهر سنگين سوال اٿيا آهن.
هڪ تازي وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته فيس بڪ ۽ گوگل جهڙا عالمي پليٽ فارم واهپيدار جي فون ۽ آن لائن سرگرمين مان وڏي پيماني تي ڊيٽا گڏ ڪن ٿا، جنهن ۾ برائوزنگ هسٽري، لوڪيشن، رابطا، فائلون ۽ ٻيون ذاتي معلومات شامل ٿي سگهي ٿي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته دنيا ۾ فيس بڪ جي ڊائون لوڊز جو انگ اربين ۾ آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ماڻهن جو انگ ان جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. ان مان اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته هڪ ئي اڪائونٽ يا ايپ ڪيترن ئي ڊوائيسز تي ڇو استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ ڊيٽا ڪهڙي حد تائين پکڙجي چڪو آهي.
ماهرن موجب، جديد ايپليڪيشنز واهپيدار کان مختلف قسمن جون اجازتُون وٺنديون آهن، جن ذريعي اهي لوڪيشن، رابطن، ميڊيا فائلن، مائڪروفون ۽ ٻين ڊيٽا تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿيون.
انهن مطابق، اها رسائي اڪثر واهپيدار طرفان “Accept” يا “Allow” تي ڪلڪ ڪري ڏني ويندي آهي، جنهن جي مڪمل نوعيت ۽ اثرن جو عام صارف کي ادراڪ نه هوندو آهي.
بيان ۾ اهو به دعويٰ ڪيو ويو آهي ته فيس بڪ ۽ انسٽاگرام نه رڳو آن لائن سرگرمين، پر آف لائن ڊيٽا، جهڙوڪ ڊوائيس جي معلومات، ايپ جي استعمال جا نمونا ۽ لوڪيشن سگنلز پڻ مختلف طريقن سان گڏ ڪري سگهن ٿا.
ساڳيءَ طرح گوگل بابت چيو ويو آهي ته ان جي سروسز ذريعي واهپيدار جي ڊگهي مدي واري لوڪيشن هسٽري ۽ سرچ سرگرمين کي محفوظ رکيو ويندو آهي، جيڪا ڪجهه حالتن ۾ ڪيترن ئي سالن تائين جاري رهي سگهي ٿي.