انگلينڊ هٿان وائيٽ واش کانپوءِ آءِ سي سي جو پاڪستاني ٽيم تي ڳرو ڏنڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست کانپوءِ هڪ ٻيو جهٽڪو لڳو آهي، قومي ٽيم تي سلو اوور ريٽ سبب ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي.
آخري ٽيسٽ ۾ سلو اوور ريٽ تي پاڪستاني ٽيم کي ڳرو ڏنڊ لڳايو ويو، جنهن تحت ٽيم تي 50 سيڪڙو ميچ فيس جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
ڏنڊ سبب پاڪستان ٽيم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جون قيمتي پوائنٽس پڻ وڃائي ويٺي آهي. پاڪستان جا ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جا 11 پوائنٽس ڪاٽيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ ڊبليو ٽي سي ۾ پاڪستان جون رڳو 5 پوائنٽس بچيون آهن.
آءِ سي سي موجب، پاڪستان انگلينڊ خلاف ٽِين ٽيسٽ ۾ مقرر وقت دوران 11 اوور گهٽ ڪرايا، جنهن تي آءِ سي سي جي ضابطن تحت ڪارروائي ڪئي وئي.
پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم غلطي قبول ڪري ورتي، جنهن کانپوءِ سزا بابت ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي.

You might also like