”محسن نقوي کان ٽرافي نه وٺنداسين“، ڀارتي مردن کانپوءِ عورتن به راند جي روح کي ڇِيهوُن ڇِيهوُن ڪري ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) وومينز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي چيمپيئن بڻجڻ باوجود ڀارتي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٽرافي تي هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار پيدا ٿي ويو آهي.
گذريل سال مردن جي ايشيا ڪپ جي فائنل کانپوءِ به اهڙا ئي منظر ڏٺا ويا هئا، جڏهن ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.
هڪ سال کانپوءِ آچر جي رات عورتن جي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ به تاريخ ورجائي وئي.
سريلنڪا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ڀارتي وومينز ٽيم کي محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻي هئي، پر ڀارتي ڪپتان هرمن پريت ڪور به ٽرافي وٺڻ لاءِ اسٽيج تي نه پهتي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو موجب، ٽورنامينٽ جي پڄاڻي واري تقريب اٽڪل 50 منٽن جي دير سان شروع ٿي. ان دوران رنر اپ سريلنڪن ٽيم جي رانديگرياڻين محسن نقوي کان ميڊل ۽ انعامي رقم جو چيڪ ورتا، جڏهن ته ڀارتي وومينز ٽيم جو ڪو به پليئر اتي موجود نه هو.
جنهن کانپوءِ تقريب جلدي ختم ڪئي وئي ۽ وائرل وڊيوز ۾ محسن نقوي کي ٻين عملدارن سان گڏ اتان روانو ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.
فائنل ۾ ڀارتي وومينز ٽيم سريلنڪا کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 72 رنسن تان شڪست ڏني.
ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 183 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم 111 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

اِهو فيصلو بي سي سي آءِ جو آهي: ڀارتي هيڊ ڪوچ
فائنل کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران جڏهن ڀارتي وومينز جي ٽيم جي ڪوچ امول مزمدار کان ٽرافي نه وٺڻ بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته بي سي سي آءِ هڪ موقف اختيار ڪيو آهي ۽ ٽيم ان تي قائم آهي.
هن چيو ته ٽورنامينٽ ختم ٿي چڪي آهي، اسان لاءِ چيمپيئن ٿيڻ ئي ڪافي آهي ۽ بورڊ تي به لکيل هو ته ڀارت ايشيا ڪپ کٽي ورتو آهي، جيڪو سڄيءَ دنيا ڏٺو.
ڀارتي ڪوچ جو چوڻ هو ته هاڻي ٽيم جون نظرون ايشين گيمز تي کتل آهن، ٽرافي ڪڏهن ۽ ڪيئن ملندي، ان بابت کيس ڪا ڄاڻ ناهي، تنهنڪري هو ان تي تبصرو نٿو ڪري سگهي.
هوڏانهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري ديوا جيت سائيڪيا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارتي ٽيم محسن نقوي کان ٽرافي ان ڪري نه ورتي، ڇاڪاڻ ته هو پاڪستان حڪومت جو اهم اڳواڻ آهي ۽ ڀارت خلاف ڪم پيو ڪري.
هن چيو ته گذريل سال ڀارت فيصلو ڪيو هو ته پاڪستان سان ٻطرفي سيريز نه کيڏي ويندي، پر گهڻ مُلڪي ٽورنامينٽ ۾ هر ٽيم خلاف کيڏندا، ان جو مطلب اهو ناهي ته سمورا شرط قبول ڪيا ويندا.
ديوا جيت سائيڪيا موجب، پهلگام واقعي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿيا ۽ محسن نقوي پاڪستان جي اهم اڳواڻن مان هڪ آهي، تنهن ڪري جيئن هڪ سال اڳ مينز ٽيم ٽرافي نه ورتي هئي، تيئن وومينز جي ٽيم به ساڳيو فيصلو ڪيو.
پاڪستان جو ردعمل
مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ڀارت عسڪري ۽ سفارتي محاذ تي پنهنجي شڪست لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته راند ۾ کٽ ۽ هار ايڏي اهم ناهي، جيڏي اسپورٽس مين اسپرٽ جي اهميت آهي ۽ جيڪڏهن اها موجود نه هجي ته پوءِ سوڀ بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿي.
طلال چوڌري چيو ته ڀارت مسلسل سياست ۽ راندين وچ ۾ فرق ختم ڪري رهيو آهي، محسن نقوي گهرو وزير هجڻ باوجود پنهنجون مصروفيتون ڇڏي دبئي ويو، پر ان جي باوجود ڀارت پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو.
ڪرڪيٽ تجزيي نگار ڊاڪٽر نعمان نياز به ڀارتي رويي تي تنقيد ڪندي چيو ته اهو ڪرڪيٽ کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ راندين کي سياست کان مٿانهون رکڻ واري پراڻي دعويٰ کي ختم ڪيو پيو وڃي.
اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو ته بي سي سي آءِ ۽ ڀارتي ٽيم جي رويي جو دفاع ڪرڻ هاڻي ڏکيو ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڀارتي ٽيم بار بار راندين جي بنيادي رواداري ۽ شائستگي بدران اسپورٽس مين اسپرٽ جي ابتڙ رويو اختيار ڪري رهي آهي، جنهن سان عالمي ڪرڪيٽ کي نقصان پهچي رهيو آهي.

You might also like