الاسڪا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست الاسڪا سان تعلق رکندڙ 15 ورهين جو ڊيرڪ پارڪر ٽن ڏينهن تائين کُليل سمنڊ ۾ اونڌي ٿيل ٻيڙيءَ مٿان ويهي رهڻ کانپوءِ بچاءَ واري ٽيم هٿان زنده بچايو ويو.
ڊيرڪ پارڪر 4 سيپٽمبر تي سينٽ لارنس ٻيٽ ڀرسان پنهنجي سئوٽ ۽ ڀاءُ سان گڏ مڇي مارڻ لاءِ ويو هو، جتي سندن ٻيڙي اونڌي ٿي وئي.
ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ڊيرڪ پارڪر جو ڀاءُ ۽ سئوٽ ٻڏي فوت ٿي ويا.
ڪوسٽ گارڊ جي سامونڊي جهاز جي ڪپتان ايڊم وائٽ ٻڌايو ته ٻار کين ٻڌايو ته سندس ڀاءُ اڃا تائين ٻيڙيءَ جي هيٺان موجود هو، جڏهن ته سندس سئوٽ ڪوسٽ گارڊ جي پهچڻ کان اڳ ٻيڙيءَ جي مٿانهن تِرڪي ٿي سمنڊ ۾ ڪري ٻڏي ويو.
ڪوسٽ گارڊ عملي 7 سيپٽمبر تي صبح ساڍي 10 وڳي ڊيرڪ پارڪر کي ڏٺو.
ان کان اڳ 6 سيپٽمبر جي رات الاسڪا اسٽيٽ ٽروپرز ڪوسٽ گارڊ کي ٻارن جي گمشدگي بابت اطلاع ڏنو هو.
جڏهن بچاءَ واري ٽيم ڊيرڪ پارڪر کي ڳولي لڌو ته هو اونڌي ٿيل ٻيڙيءَ جي مٿان ويٺل هو.
ڪپتان ايڊم وائٽ چيو ته ”اهو انتهائي حيران ڪندڙ هو ۽ اتي تمام گهڻي ٿڌ هئي.“
ڊيرڪ پارڪر کي بچائڻ وقت هائپوٿرميا جون علامتون ظاهر ٿي رهيون هيون، جنهن تي جهاز جي عملي کيس ڪمبلن ۾ ويڙهي ڇڏيو.
خاندان جي هڪ فرد ٻڌايو ته جڏهن ڊيرڪ پارڪر جو 35 ورهين جو ڀاءُ ۽ 34 ورهين جو سئوٽ ٻڏي ويا ته هو پاڻ ٻيڙيءَ جي مٿان چڙهي ويو هو.
هو بنا کائڻ پيئڻ جي 62 ڪلاڪن تائين کليل سمنڊ ۾ رهيو ۽ سڄو وقت اونڌي ٿيل ٻيڙيءَ جي مٿان ويٺل رهيو.
جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي! نه کاڌو، نه پاڻي، 62 ڪلاڪ سمنڊ ۾ اونڌي ٿيل ٻيڙيءَ تي ويٺل 15 ورهين جو ٻار بچي ويو
You might also like