مير رضا قتل ڪيس: پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه کي ڌمڪيون، ٻن ڏينهن تائين موٽرسائيڪل تي پيڇو ڪرڻ جو انڪشاف
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مير رضا قتل ڪيس بابت جوڙيل ڪميشن آڏو پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ ٻن ڏينهن تائين موٽرسائيڪل تي سندس پيڇو ڪيو ويو.
ڊاڪٽر سميه پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته کيس چيو ويو ته جيڪڏهن هوءَ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ آپگهات لکي ته مٿس ”هلڪو هٿ“ رکيو ويندو، جڏهن ته عوامي سطح تي به سندس خلاف مهم هلائي پئي وڃي.
هن چيو ته مير رضا قتل ڪيس لاءِ هن پنهنجو ڪيريئر داءَ تي لڳايو آهي ۽ هي ڪيس سندس لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي.
ڊاڪٽر سميه جو چوڻ هو ته کيس پنهنجي نه، پر پنهنجي خاندان جي ڳڻتي آهي.
ڊاڪٽر سميه ڪميشن کي ٻڌايو ته ڌمڪين واري معاملي بابت اين سي سي آءِ اي ۾ شڪايت به داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
ڪميشن ڊاڪٽر سميه کان پڇيو ته ڇا کيس سيڪيورٽي جي ضرورت آهي؟ جنهن تي هن چيو ته کيس پوليس سيڪيورٽي گهربل آهي.
ڪميشن جي سربراهه جسٽس عمر سيال چيو ته هو رينجرز سيڪيورٽي لاءِ هدايت جاري ڪري ڇڏيندا، جنهن تي ڊاڪٽر سميه ٻيهر چيو ته کيس سيڪيورٽي جي ضرورت ناهي.
You might also like