پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر رليف، سستو پيٽرول ڪيئن ملندو؟ طريقو ڄاڻي وٺو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر سبسڊي حاصل ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي ڇڏيو آهي.
اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن عطا تارڙ ۽ علي پرويز ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ ٽي واري شزا فاطمه چيو ته هن اسڪيم تحت ٻه ڦيٿن، ٽن ڦيٿن ۽ 800 سي سي تائين گاڏين وارن کي رليف ڏنو ويندو.
شزا فاطمه موجب، ٽو ويلر ۽ ٿري ويلر وارين گاڏين لاءِ 20 ليٽر پيٽرول تي، جڏهن ته 800 سي سي تائين گاڏين لاءِ 30 ليٽر پيٽرول تي سبسڊي ڏني ويندي.
سندس چوڻ هو ته پروگرام کي ٻن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرئين مرحلي ۾ رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي، واهپيدار پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ سم تان “آر اِي جي“، شناختي ڪارڊ نمبر، صوبي جو پهريون اکر ۽ موٽر سائيڪل يا گاڏي جي رجسٽريشن جي تاريخ لکي 9771 تي موڪليندو.
آءِ ٽي وزيرِ چيو ته رجسٽريشن کانپوءِ جڏهن صارف پيٽرول وٺڻ ويندو ته 9771 تي ”ٽِي او ڪَي“ لکي پيغام موڪليندو، جنهن کانپوءِ مليل ٽوڪن پيٽرول پمپ تي ڏيکاري سبسڊي حاصل ڪري سگهبي.
شزا فاطمه شهرين کي هدايت ڪئي ته پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر يا ٻي ڪو به ڊيٽا ڪنهن سان شيئر نه ڪن، حڪومت شهرين کان نه ڪا ڊيٽا طلب ڪندي ۽ نه ئي ڪو چارج وصول ڪندي.
هن چيو ته پروگرام ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي سامهون آئي ته ان جو جائزو وٺي درست ڪيو ويندو.
واضح رهي ته حڪومتي اسڪيم تحت اسلام آباد جا شهري 14 ۽ 15 سيپٽمبر جي وچ واري رات 12 وڳي کان، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا شهري 16 ۽ 17 سيپٽمبر جي وچ واري رات 12 وڳي کان پيٽرول تي رليف حاصل ڪري سگهندا.

You might also like