کپرو: اڳوڻو صوبائي وزير ۽ زميندار حسن علي چانهيون اغوا، شام تائين بازياب ٿي ويندو: ايم اين اي علاءُالدين

کپرو (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو صوبائي وزير ۽ زميندار حسن علي چانهيون هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ٻن گاڏين ۾ سوار هٿياربندن بنگلي تي ڪاهه ڪري تشدد بعد زميندار حسن علي چانهيون کي اغوا ڪري ورتو.
واقعي جي اطلاع تي برادري جا ماڻهو ۽ شهري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، جنهن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
ٻئي پاسي ايم اين اي علاءُالدين صلاح الدين جوڻيجو چيو آهي ته حسن علي چانهيون جو اغوا ڏيتي ليتي جو معاملو آهي ۽ هو شام تائين بازياب ٿي ويندو.

You might also like