اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽي رڪني لارجر بئنچ پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 27 سيپٽمبر واري لانگ مارچ ۽ احتجاج خلاف داخل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ ٽن رڪني لارجر بئنچ ڪئي، جنهن ۾ جسٽس اعظم خان ۽ جسٽس آصف پڻ شامل هو.
عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت يا عوامي عهديدار کي اسلام آباد ۾ روڊ بند ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي جماعت پي ٽي آءِ طرفان وفاقي راڄڌاني ڏانهن امڪاني لانگ مارچ کان اڳ داخل درخواست تي عدالت اهو به حڪم ڏنو ته چئني صوبن جا وڏا وزير يقيني بڻائين ته سرڪاري مشينري ۽ فنڊ سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ٿين.
اڄ ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر خيبرپختونخوا جي آءِ جي ذوالفقار حميد کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪو غيرقانوني ۽ غيرآئيني ميڙاڪو ٿئي ته ان کي روڪيو.
You might also like