تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته عمان ۾ اڄ ٿيندڙ اجلاس سعودي عرب جي درخواست تي ملتوي ڪيو ويو آهي.
ايران ۽ نار جي ستن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي عمان جي شهر صلاله ۾ گڏ ٿيڻو هو، جتي آبناءِ هرمز مان ٿيندڙ سامونڊي چُر پُر بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿيڻِي هئي.
هفتيوار پريس بريفنگ دوران اسماعيل بقائي چيو ته هي هڪ موقعو هو، جيڪو ايران ۽ عمان فراهم ڪيو هو ۽ اميد هئي ته خطي جا ملڪ ان جي اهميت کي سمجهندي ان مان فائدو وٺندا.
هن چيو ته اسان جي سمورن جائز خدشن باوجود هي مناسب موقعو هو ته خطي جا ملڪ ٻاهرين ڌرين جي مداخلت کان پري رهي پاڻ ۾ ڳالهائين.
بقائي چيو ته سندس خيال ۾ ڪائي به ذميوار ڌر اهو تسليم نه ڪندي ته ڪنهن به سبب، خاص طور خطي کان ٻاهر جي ڌرين جي اثر رسوخ يا اهڙن بهانن جي بنياد تي جن جو ايران سان حقيقت ۾ ڪو تعلق ناهي اجلاس منعقد نه ڪيو وڃي.
واضح رهي ته اڃا تائين اجلاس لاءِ نئين تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو، اجلاس ملتوي ڪرڻ جو اعلان گذريل رات عمان جي پرڏيهي وزير بدر البوسعيدي ڪيو هو.
هوڏانهن بحرين اڳ ئي چئي چڪو هو ته ايران جي موجودگي سبب هو ان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو.
You might also like