غريب گهرن جي نوجوانن ۾ کاڌي سان لاڳاپيل بيماريون وڌيڪ هجڻ جو انڪشاف

برطانوي محققن انڪشاف ڪيو آهي ته وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي ڀيٽ ۾ غريب پسمنظر مان ايندڙ نوجوانن ۾ کاڌي سان لاڳاپيل بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.

تحقيق موجب جن نوجوانن جي والدين يونيورسٽي جي تعليم حاصل نه ڪئي هئي، انهن ۾ اهڙين بيمارين جو خطرو 25 سيڪڙو وڌيڪ مليو. انهن بيمارين ۾ بک نه لڳڻ جي بيماري (اينورڪسيا)، حد کان وڌيڪ کائڻ کانپوءِ الٽي ڪرڻ واري بيماري (بُليميا) ۽ ضرورت کان وڌيڪ کائڻ جي بيماري شامل آهن.

تحقيق مان اهو به سامهون آيو ته سراسري کان وڌيڪ آمدني رکندڙ والدين جي ٻارن ۾ اهڙين ذهني بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جو امڪان نسبتاً گهٽ هوندو آهي.

جڏهن ته سماجي ۽ معاشي حيثيت جانچڻ جي ٻين طريقن، جهڙوڪ والدين جو پيشو، مالي ڏکيائيون يا سرڪاري سهائتا حاصل ڪرڻ، ۽ کاڌي سان لاڳاپيل بيمارين جي نشانين وچ ۾ لاڳاپو ايترو واضح ۽ هڪجهڙو نه هو.

يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته کاڌي سان لاڳاپيل بيمارين کي رڳو وچولي يا خوشحال طبقي جو مسئلو سمجهڻ جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا.

تحقيق جي اڳواڻ ڊاڪٽر نورا ٽرومپيٽر چيو ته کاڌي سان لاڳاپيل بيمارين کي اڪثر خوشحالي سان لاڳاپيل مسئلو سمجهيو ويندو آهي، پر تحقيق مان واضح ٿئي ٿو ته حقيقت ان کان گهڻو مختلف آهي.

هن چيو ته اهي بيماريون آمدني يا تعليمي پسمنظر جي بنياد تي ڪنهن ۾ فرق نٿيون ڪن، پر موجود انگ اکر ان جي ابتڙ رخ ڏانهن اشارو ڪن ٿا. انهن کي رڳو ”مراعات يافته طبقي“ جي بيماري سمجهڻ سان انهن نوجوانن جي سڃاڻپ ۽ علاج نظرانداز ٿي سگهي ٿو، جن کي سڀ کان وڌيڪ مدد جي ضرورت آهي.

You might also like