اسلام آباد: ميوزيڪل پروگرام ۾ بنا ٽڪيٽ جي ويندڙ ميجسٽريٽ ۽ پوليس ۾ اهلڪار ۾ جهيڙو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ موسيقي جي پروگرام دوران سهالا جي مجسٽريٽ سان گڏ ڪيترن ئي ماڻهن پاران بنا ٽڪيٽ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي پوليس اهلڪار ۽ مجسٽريٽ وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.

پوليس ذريعن موجب پوليس اهلڪار مجسٽريٽ سان گڏ آيل ماڻهن کي بنا ٽڪيٽ موسيقي جي پروگرام ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن تي ٻنهي وچ ۾ منهن ماري ٿي.

اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر عرفان ميمڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي ضلعي انتظاميا کي جاچ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڊپٽي ڪمشنر موجب اسسٽنٽ ڪمشنر واقعي جي مڪمل جاچ ڪندو، جنهن کانپوءِ ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like