نيپرا 58 ارب ڊالرن جي لاڳت واري بجلي رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نيپرا بجلي پيداوار ۽ پهچائڻ جي 58 ارب ڊالرن جي لاڳت واري 11 ورهين جي رٿا جي مشروط منظوري ڏئي ڇڏي.

نيپرا انٽيگريٽيڊ سسٽم پلان 2025-2035ع جي مشروط منظوري ڏني آهي، جنهن تحت ايندڙ 11 ورهين دوران بجلي پيدا ڪرڻ ۽ پهچائڻ جي شعبن ۾ گڏيل طور 58 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

نيپرا موجب رٿا ۾ 26 هزار 45 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي نئين صلاحيت شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن ۾ 17 هزار 485 ميگاواٽ پابند ۽ 8 هزار 560 ميگاواٽ بهتر ڪيل صلاحيت شامل هوندي، جڏهن ته 2 هزار 577 ميگاواٽ پراڻي بجلي پيدا ڪرڻ واري صلاحيت ختم ڪرڻ جي پڻ تجويز آهي.

نيپرا جو چوڻ آهي ته 2035ع تائين ملڪ جي گڏيل نصب ٿيل بجلي پيدا ڪرڻ واري صلاحيت 62 هزار 657 ميگاواٽ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته رٿا ۾ 8 هزار 120 ميگاواٽ نيٽ ميٽرنگ پڻ شامل آهي.

رٿا تحت اضافي بجلي پيدا ڪرڻ واري صلاحيت تي 47 ارب ڊالرن کان وڌيڪ خرچ اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته بجلي پهچائڻ وارين رٿائن لاءِ 10 ارب 65 ڪروڙ ڊالر گهربل هوندا. بجلي پهچائڻ واري نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ نوان گرڊ اسٽيشن قائم ڪرڻ به رٿا جو حصو آهن.

نيپرا موجب گوادر ۽ مڪران لاءِ 40 ميگاواٽ بجلي گهر جي گنجائش، جڏهن ته ڌابيجي ۾ 269 ميگاواٽ جو هوائي ۽ شمسي توانائي تي ٻڌل گڏيل منصوبو پڻ انٽيگريٽيڊ سسٽم پلان ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

نيپرا 90 ڪروڙ ڊالرن جي بيٽري ذريعي توانائي ذخيرو ڪرڻ واري رٿا جي منظوري نه ڏني. نيپرا موجب بيٽري وسيلي توانائي ذخيرو ڪرڻ وارين رٿائن لاءِ جامع فني ۽ معاشي اڀياس ضروري آهي.

نيپرا جي ميمبرن آزاد نظام مارڪيٽ هلائيندڙ اداري پاران وڏين رٿائن کي شامل ۽ خارج ڪرڻ بابت پڻ سوال اٿاريا. ميمبرن قومي توانائي جي رٿابندي ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي نظرانداز ڪرڻ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ چيو ته قومي بجلي پاليسي ۾ تبديلي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوري کانسواءِ نٿي ٿي سگهي.

نيپرا جي چيئرمين سميت ٽنهي ميمبرن فيصلي ۾ اختلاف راءِ پڻ ڏني، تنهن هوندي به رٿا جي منظوري ڏني وئي. اختلافِي نوٽ ۽ راءِ رٿا ۾ منصوبن کي شامل ڪرڻ يا خارج ڪرڻ لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوري نه وٺڻ بابت آهن.

You might also like