نئين دهلي (ويب ڊيسڪ(چيني صدر شي جن پنگ ستن سالن کانپوءِ ڀارت پهچي ويو آهي، جتي هو 12 ۽ 13 سيپٽمبر تي نئين دهلي ۾ ٿيندڙ برڪس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
سندس اهو دورو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن ڀارت ۽ چين جا لاڳاپا ڪيترن ئي سالن جي ڇڪتاڻ کانپوءِ هوريان هوريان بهتري ڏانهن وڌندي نظر اچي رهيا آهن.
جيتوڻيڪ چيني پرڏيهي وزارت دوري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ته صدر شي جن پنگ ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وچ ۾ باضابطا ٻطرفي ملاقات ٿيندي يا نه.
شي جن پنگ ڀارت جو آخري دورو 2019ع ۾ ڪيو هو، جڏهن هن چنائي ڀرسان ممالاپورم ۾ مودي سان غير رسمي سربراهي ملاقات ڪئي هئي.
ماهرن موجب، هي دورو نه رڳو دنيا جي ٻن وڏين ايشيائي طاقتن وچ ۾ لاڳاپن لاءِ اهم آهي، پر ان جا اثر برڪس اندر سهڪار، علائقائي سفارتڪاري ۽ عالمي سياست تي پڻ پئجي سگهن ٿا.
گلوان کانپوءِ برف ڳرڻ جا آثار؟
ڀارت ۽ چين جي لاڳاپن ۾ سڀ کان وڏي ڏار 2020ع ۾ لداخ جي علائقي گلوان وادي ۾ ٿيل خوني جهڙپ کانپوءِ پيدا ٿي هئي، جنهن ۾ 20 ڀارتي فوجي مارجي ويا هئا.
ان واقعي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا شديد ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا ۽ سرحدي تڪرار واپاري ۽ سفارتي رابطن تي پڻ اثرانداز ٿيو.
ويجهڙائي وارن سالن دوران ٻنهي ڌرين لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جون ڪوششون ڪندي نظر اچي رهيون آهن.
گذريل سال وزيراعظم نريندر مودي شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس جي سلسلي ۾ چين جو دورو ڪيو، جتي سندس شي جن پنگ سان ملاقات پڻ ٿي.
ان کانپوءِ سرحدي تڪرارن کي محدود رکڻ ۽ رابطن جي بحاليءَ لاءِ ڪوششن ۾ تيزي آئي.
ساڳئي سلسلي ۾ هلندڙ مهيني ٻنهي ملڪن جي فوجي ڪمانڊرن وچ ۾ سرحدي علائقن ۾ اعليٰ سطحي فليگ اجلاس پڻ ٿيا، جن کي اعتماد بحال ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي.
لاڳاپن ۾ بهتري، پر اعتماد جو بحران برقرار
دهلي ۾ قائم آبزرور ريسرچ فائونڊيشن جي نائب صدر ۽ عالمي معاملن جي ماهر هرش وي پنت موجب، آمريڪا ۽ چين وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ عالمي واپاري غير يقيني صورتحال ڀارت ۽ چين کي پنهنجا اختلاف گهٽائڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي.
سندس چوڻ موجب ٻنهي پاڙيسري ملڪن کي هڪ ٻئي جي ضرورت آهي، ان ڪري تازو عرصي دوران سرحدي تڪرار بابت اڳ جي ڀيٽ ۾ نرم رويو اختيار ڪيو ويو آهي. تنهن هوندي به اعتماد جي کوٽ اڃا تائين ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ آهي.
واپار: موقعا به، مسئلا به
شي جن پنگ جي دوري جي هڪ نمايان ڳالهه سندس گڏ وڏي ڪاروباري وفد جي آمد کي قرار ڏنو پيو وڃي، جيڪو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ٻئي ملڪ اقتصادي لاڳاپن کي نئين رخ ڏيڻ چاهين ٿا.
گلوان واقعي کانپوءِ ڀارت چيني سيڙپڪاري تي ڪيتريون ئي پابنديون لاڳو ڪيون هيون.
هلندڙ سال نئين دهلي اليڪٽرانڪس، سولر سيلز ۽ ڪجهه صنعتي شعبن ۾ انهن پابندين ۾ جزوي نرمي ڪئي آهي.
ويجهڙ ڀارتي ڪمپني ڊڪسن ٽيڪنالاجيز ۽ چيني ڪمپني ويوو موبائل جي گڏيل منصوبي سميت ڪيترن ئي واپاري منصوبن جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي.
ان باوجود ڪيترائي وڏا چيني سيڙپڪاري منصوبا اڃا تائين رولڙي جو شڪار آهن. بي واءِ ڊي ۽ گريٽ وال موٽرز جهڙين ڪمپنين کي ڀارت ۾ سيڙپڪاري لاءِ سخت جاچ پڙتال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
هوڏانهن ڀارت کي چين سان وڌندڙ واپاري خساري تي پڻ ڳڻتي آهي، جيڪو 100 ارب ڊالر کان وڌي چڪو آهي.
نئين دهلي جو موقف آهي ته چيني مارڪيٽن تائين ڀارتي شين جي رسائي محدود آهي ۽ واپار ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
چين ڇا ٿو چاهي ؟
چيني ماهرن جو چوڻ آهي ته بيجنگ ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري چاهي ٿو، پر هو اهو پڻ ڏسڻ چاهي ٿو ته نئين دهلي ان رخ ۾ ڪيتري سنجيده آهي.
عالمي سطح تي چين کي آمريڪا ۽ يورپ سان وڌندڙ معاشي دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ ڀارت جهڙي وڏي منڊي چين لاءِ خاص اهميت رکي ٿي. ٻئي پاسي ڀارت به چيني سرمائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ جي صلاحيت مان لاڀ وٺڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.
رنڊڪون اڃا به موجود
جيتوڻيڪ ٻئي ملڪ لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پر ڪيترائي حساس معاملا اڃا تائين حل طلب آهن.
ڀارت تازو ئي علي پي جي هڪ تجويز کي قومي سلامتي جي خدشن جي بنياد تي رد ڪيو، جڏهن ته چيني موبائل ڪمپني شيائومي خلاف جاچ پڻ جاري آهي.
ٻئي طرف ڀارت جو الزام آهي ته چين ڪجهه اهم ٽيڪنالاجي، صنعتي اوزارن ۽ بنيادي ڍانچي سان لاڳاپيل شين جي فراهمي تي غير رسمي رنڊڪون کڙيون ڪري رهيو آهي.
انهن مسئلن سبب ٻنهي ملڪن وچ ۾ مڪمل اقتصادي بحاليءَ جو رستو اڃا تائين هموار نه ٿي سگهيو آهي.
ماهرن جو خيال آهي ته شي جن پنگ جو هي دورو لاڳاپن ۾ بهتريءَ جي عمل کي اڳتي وڌائي سگهي ٿو، پر ان مان ڪنهن وڏي اڳڀرائي يا سمورن اختلافن جي فوري حل جي اميد نه رکڻ گهرجي.
وڌيڪ امڪان اهو ئي آهي ته ٻئي ملڪ سرحدي ڇڪتاڻ کي قابو ۾ رکڻ، واپاري رابطن کي وڌائڻ ۽ گڏيل اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ تدريجي قدمن تي اتفاق ڪندا. ان باوجود ه گلوان کانپوءِ پيدا ٿيل بي اعتمادي ۽ واپاري تڪرار اهڙا مسئلا آهن، جيڪي مختصر مدي ۾ ختم ٿيندي نظر نٿا اچن.