ڪراچي (ويب ڊيسڪ)نون صوبن بابت پارليامينٽ ۾ بحث ڪرائڻ واري اعلان تي سنڌ جي چونڊيل نمائندن ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي عوام نون صوبن بابت پنهنجو واضح فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي.
ايم پي اي ياسمين شاهه ڳالهائيندي چيو ته هاڻي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ خبر پوندي ته اتي سنڌ جا ڪهڙا سڄڻ ويٺا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام نون صوبن بابت پنهنجو فيصلو واضح ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري سنڌ جي معاملن بابت فيصلو سنڌ جي عوام جي مرضي موجب ٿيڻ گهرجي.
سليم بلوچ چيو ته سنڌ ۾ صوبو ٺهندو يا نه، ان جو فيصلو ڪو ٻيو نه، پر سنڌ جو عوام ڪندو.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ پاس ڪري وفاق کي واضح طور ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سنڌ کي نئون صوبو نه کپي.
صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته نون صوبن بابت هوٽلن ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي ته قومي اسيمبلي ۾ ڇو نه ٿي سگهي؟
هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ نون صوبن بابت بحث ڀلي ٿئي، پر اها نون صوبن بابت ٺهراءُ منظور نٿي ڪري سگهي.
ايم پي اي سعديا جاويد ڳالهائيندي چيو ته صوبن بابت بحث گڏجاڻين ۾ نه، پر پارليامينٽ ۾ ئي ٿيڻ گهرجي.
نون صوبن تي پارليامينٽ ۾ بحث جو اعلان، سنڌ جي چونڊيل نمائندن جو سخت ردعمل
You might also like