ڊرائيور جي تڪڙ سبب ”وفاقي حڪومت جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي“

اسلام آباد (حفيظ الله نيازي) معاملو بگڙي چڪو آهي، جيتوڻيڪ جن جو معاملو بگڙيو آهي، انهن کي ان جو اندازو ان وقت ٿيندو، جڏهن پاڻي مٿي تائين پهچي ويندو، مطلب ته سندن ٻڏڻ جو وقت اچي ويندو. هن نظام ۾ شايد ڪو اهڙو خيرخواهه دوست موجود آهي، جنهن جي موجودگيءَ ۾ دشمن جي ضرورت ئي نٿي بچي.

هن نظام بابت منهنجا سمورا سياسي اندازا غلط ثابت ٿيا آهن، جنهن تي مان معذرت خواهه آهيان. منهنجو خيال هو ته موجوده نظام جي مُدي جي پڄاڻي اٺن سالن کانپوءِ، يعني 2031ع ۾ ٿيڻ واري هئي، پر ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل انجنيئرن کي شايد تمام گهڻي تڪڙ آهي.

هاڻوڪو نظام 2023ع جي وچ ڌاري شروع ٿيو هو ۽ ان کي ايندڙ اٺ سال هلڻو هو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ”پاڪستان ۾ ٺهيل“ نظامن جي عمر عام طور اٺن کان ڏهن سالن تائين ئي هوندي آهي. پاڪستاني روايتن موجب ايتري عرصي ۾ ته نڪمي اولاد به گهر وارن کي بيزار ڪري ڇڏيندي آهي.

منهنجو خيال آهي ته جن ماڻهن جي هٿن ۾ هن نظام کي هلائڻ جي واڳ آهي، انهن جي حد کان وڌيل اعتماد ۽ تيز رفتاري نظام جي مُدي کي مختصر ڪري ڇڏيو آهي. انهن کي تڪڙ آهي ۽ انهن جي مهربانين سبب هاڻوڪو نظام وقت کان اڳ پنهنجي انجام تائين پهچڻ جي ويجهو آهي.

بزرگاڻو مشورو آهي ته جن جن ماڻهن کي وفاداريون تبديل ڪرڻيون آهن ۽ هاڻوڪي نظام جي تيز رفتار گاڏيءَ مان لهڻو آهي، انهن لاءِ اهو ئي بهترين وقت آهي ته ترت لهڻ جو بندوبست ڪن.

منهنجي ڳالهه جي اصل مراد رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي قيادت ئي سمجهي سگهندي، باقي سياسي پارٽين کي ان جي ضرورت به ناهي، ڇاڪاڻ ته باقي سڀني کي اڃا پنهنجي پنهنجي حصي جو ٿڪ لاهڻو آهي.

You might also like