گوگل، موسم جي اڳڪٿي وارو هٿرادو ڏاهپ تي ٻڌل جديد نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو

ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل موسم جي اڳڪٿي لاءِ هٿرادو ڏاهپ تي ٻڌل جديد نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. گوگل ڊيپ مائنڊ ۽ گوگل ريسرچ ’ويدر نيڪسٽ 3‘ متعارف ڪرايو آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ موسم جي اڳڪٿي لاءِ جديد نمونو آهي ۽ هٿرادو ڏاهپ جي مدد سان ڪم ڪري ٿو.

تفصيل موجب ڌرتيءَ جي چوڌاري مقرر مدار ۾ موجود موسمي نگراني ڪندڙ سيارن مان سڌو حاصل ٿيندڙ تازين تصويرن ۽ زمين تي قائم مختلف مرڪزن کان ملندڙ حقيقي وقت جي انگن اکرن کي استعمال ڪندي ’ويدر نيڪسٽ 3‘ روايتي، سست ۽ وڌيڪ وسيلن استعمال جي گهرج رکندڙ عددي اندازن تي ڀاڙڻ جي ضرورت گهٽائي ڇڏي آهي.

ان جي نتيجي ۾ اهڙو عملي نظام تيار ٿيو آهي، جيڪو ڏينهن جي هر ڪلاڪ نئين موسمي اڳڪٿي جاري ڪري ٿو. ان جي مقامي تفصيلي ماپ 5 ڪلوميٽر تائين آهي، جيڪا اڳوڻي نموني جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ پنج ڀيرا وڌيڪ واضح ۽ تفصيلي ڄاڻ فراهم ڪري ٿي. اهو نظام هر ڪلاڪ نئين اڳڪٿي ڏئي ٿو، جنهن سان طوفانن، موسمي محاذن ۽ شديد موسمي حالتن ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ تبديلين کان اڳ اهم اضافي وقت دستياب ٿي سگهي ٿو.

هي نظام زمين جي ويجهو گرمي پد ۽ هوا ۾ نمي جي 5 ڪلوميٽر (0.05) تائين، جڏهن ته زمين کان مٿي هوا جي وهڪرن جي 10 ڪلوميٽر (0.1) تائين ماپ فراهم ڪري ٿو. ان سان انهن علائقن ۾ به مقامي سطح تي موسم بابت وڌيڪ درست ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي، جتي روايتي طور موسمي انگ اکر ۽ سهولتون محدود هونديون آهن.

موسم جي اڳڪٿي لاءِ استعمال ٿيندڙ روايتي عددي معياري نمونن جي ڀيٽ ۾ هي نظام برسات سان لاڳاپيل اهم ماپن ۾ غلطي جا انگ 50 سيڪڙو تائين گهٽائي ٿو.

هي نظام بجليءَ جي نظام هلائيندڙ ادارن ۽ صاف توانائي پيدا ڪندڙ ادارن لاءِ خاص قسم جي ڄاڻ پڻ فراهم ڪري ٿو، جنهن ۾ 100 ميٽر اوچي پن چڪين واري ٽربائن جي سطح تي هوا جي رفتار، مختلف اوچائين تي ڪڪرن جي موجودگي ۽ سج جي شعاعن جي شدت بابت انگ اکر شامل آهن.

ويدر نيڪسٽ 3‘ اڳ ئي متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ اڄ کان گوگل سرچ، جيمني، گوگل ميپس، گوگل ميپس پليٽ فارم، ويدر اي پي آءِ ۽ گوگل ارٿ انجڻ ۾ موسم سان لاڳاپيل سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي رهيو آهي.

هن نئين واڌاري سان ڊگهي مدي واري موسمي اڳڪٿي ۾ پڻ نمايان بهتري آئي آهي. هڪ ڏينهن يا ان کان وڌيڪ اڳواٽ رٿابندي ڪرڻ وقت ماڻهن کي برسات جي اڳڪٿي ۾ 50 سيڪڙو تائين وڌيڪ درستگي نظر ايندي، جڏهن ته اها بهتري انهن علائقن ۾ وڌيڪ نمايان هوندي، جتي ماضي ۾ موسمي اڳڪٿيون نسبتاً گهٽ ڀروسي جوڳيون رهيون آهن.

You might also like