سماجي رابطن واري پليٽفارم انسٽاگرام تي هن وقت هٿردو ڏاهپ (اي آءِ) تي ٻڌل ’80ع واري ڏهاڪي‘ جو نئون لاڙو واهپيدارن جي خاص ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
واهپيدارن سماجي رابطن واريون فيڊون پراڻي طرز جي تصويري البمن ۾ تبديل ڪري ڇڏيون آهن، تنهن هوندي به تيزيءَ سان مقبول ٿيندڙ هن لاڙي اي آءِ ذريعي تيار ڪيل تصويرن جي ماحول تي پوندڙ اثرن بابت ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي.
اي آءِ ذريعي هڪ تصوير تيار ڪرڻ ۾ رڳو ڪجهه سيڪنڊ لڳي سگهن ٿا، پر ان عمل لاءِ وڏي مقدار ۾ توانائي استعمال ڪندڙ انگن اکرن جا مرڪز، پاڻيءَ تي ٻڌل ٿڌاڻ وارا نظام ۽ وڌيڪ وسيلا استعمال ڪندڙ اوزار گهربل هوندا آهن.
ڪارنيگي ميلن يونيورسٽي ۽ هگنگ فيس جي هڪ تحقيق موجب، اي آءِ ذريعي هڪ تصوير تيار ڪرڻ ۾ 0.01 کان 0.29 ڪلوواٽ ڪلاڪ تائين بجلي خرچ ٿي سگهي ٿي.
اهو مقدار ظاهري طور معمولي لڳي سگهي ٿو، پر جڏهن لکين واهپيدار هڪ ئي تصوير جا ڪيترائي نمونا تيار ڪن ٿا ته ان جو گڏيل ماحولياتي اثر نمايان ٿي وڃي ٿو.
عالمي توانائي اداري (آءِ اي اي) خبردار ڪيو آهي ته 2030ع تائين سڄي دنيا ۾ انگن اکرن جي مرڪزن جي بجليءَ جي گهرج ٻيڻي کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، جنهن جو وڏو سبب اي آءِ جو وڌندڙ استعمال آهي.
اداري موجب، سرورن کي وڌيڪ گرم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ انگن اکرن جي مرڪزن کي وڏي مقدار ۾ پاڻي به گهربل هوندو آهي.
يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ريور سائيڊ جي محققن اندازو لڳايو آهي ته جي پي ٽي-3 جي سکيا لاءِ لڳ ڀڳ 7 لک ليٽر مٺو پاڻي استعمال ٿيو هو.
ماحولياتي خرچ رڳو اي آءِ جي استعمال تائين محدود ناهي، پر جي پي يوز ۽ ٻين اوزارن جي تياري تائين به پکڙيل آهي. ان عمل ۾ کاڻين مان معدنيات ڪڍڻ، نيم موصل اوزارن جي تياري ۽ اهم معدنيات جو استعمال شامل آهي.
مسئلو لازمي طور اي آءِ کي ڇڏي ڏيڻ جو ناهي، پر ان کي وڌيڪ ذميواري ۽ سوچ ويچار سان استعمال ڪرڻ جو آهي.
هڪ تصوير تيار ڪرڻ ظاهري طور بي ضرر لڳي سگهي ٿو، پر ٿوري وقت وارن سماجي رابطن جي لاڙن لاءِ اي آءِ اوزارن جو بار بار استعمال هن ٽيڪنالاجي جي گڏيل ماحولياتي اثرن ۾ واڌ ڪري سگهي ٿو.