اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آٽو پاليسي 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته پاليسي جو اعلان ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف کان منظوري ملڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.
رپورٽ موجب ذريعن جو چوڻ آھي تھ آٽو پارٽس پاليسي بابت قائم ڪميٽي اڳ ئي پنهنجون سفارشون منظور ڪري چڪي آهي. دستاويز موجب آٽو پارٽس جي برآمدات وڌائڻ لاءِ عالمي ويليو چينز سان ڳنڍجڻ ۽ برآمدات لاءِ 5 وڏا اينڪر مينوفيڪچرنگ ادارا آڻڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
آٽو شعبي ۾ ايس ايم ايز جا ڪلسٽر ٺاهڻ، برآمد ٿيندڙ آٽو پارٽس جي درآمد تي ڊيوٽي ختم ڪرڻ ۽ آٽو پارٽس ايڪسپورٽ ڪائونسل قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
دستاويز موجب آٽو انڊسٽري ۾ مقامي ويليو ايڊيشن لازمي ڪرڻ، ڪانٽريڪٽ مينوفيڪچرنگ جي اجازت ڏيڻ ۽ اي ڊي بي جي منظوري جا مرحلا ڊجيٽل ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.
اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ هڪجهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ، نيون انرجي گاڏين تي رڳو هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، ايف اي ڊي، سي وي ٽي ۽ وِد هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ قرض جي حد هڪ ڪروڙ رپين تائين مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.