پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري وارنٽن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي گرفتاري وارنٽن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر جي گرفتاري کانپوءِ مختلف ڪيسن ۾ گهربل ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن جي اڳ ئي جاري ٿيل گرفتاري وارنٽن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته نومبر 2024ع جي ڊي چوڪ احتجاج سميت مختلف ڪيسن ۾ عدالتي وارنٽن کي منهن ڏيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري جو امڪان آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي گهربل اڳواڻن جي لسٽ۾جنيد اڪبر، عبدالغني، شبلي فراز، مراد سعيد، زرتاج گل، عامر مسعود مغل، ڊاڪٽر امجد علي، مينا خان آفريدي، علي امين گنڊاپور ۽ عمر تنوير بٽ جا نالا شامل آهن.

You might also like