پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽرول ۽ ڊيزل جي اصل قيمت تي شهرين کان ڳرا ٽيڪس ۽ مارجنز جي وصولي جاري آهي. هڪ ليٽر پيٽرول اصل قيمت کان 133 رپيا 2 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل اصل قيمت کان 122 رپيا 55 پئسا في ليٽر مهانگو آهي.

دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ ليٽر پيٽرول تي 131 رپيا 60 پئسا ليوي، ٽيڪس ۽ مارجنز جي مد ۾ وصول ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته في ليٽر ڊيزل تي 122 رپيا 55 پئسا ليوي، ٽيڪس ۽ مارجنز لاڳو آهن. پيٽرول جي في ليٽر لاڳت 234 رپيا 73 پئسا بڻجي ٿي، جڏهن ته هن وقت پيٽرول جي في ليٽر قيمت 367 رپيا 75 پئسا مقرر آهي. پيٽروليم ڊويزن موجب گذريل 3 ڏينهن دوران پيٽرول 21 رپيا 88 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 3 ڏينهن دوران 14 رپيا 62 پئسا في ليٽر واڌ ٿي آهي.

7 سيپٽمبر تي پيٽرول جي في ليٽر قيمت 345 رپيا 87 پئسا هئي، جيڪا هاڻي وڌي 367 رپيا 75 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. اهڙي طرح 7 سيپٽمبر تائين ڊيزل جي قيمت 378 رپيا 5 پئسا في ليٽر هئي، جيڪا وڌي 392 رپيا 67 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

ٻئي پاسي وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ چاڙهه عالمي مارڪيٽ سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته قطر کان ايل اين جي جو هڪ ڪارگو اڄ ڪراچي پهچي رهيو آهي، جڏهن ته قطر يقين ڏياريو آهي ته حالتن ۾ بهتري اچڻ سان ايل اين جي جي فراهمي ۾ ڀرپور سهڪار ڪندو.

You might also like