ايجبسٽن (ويب ڊيسڪ) ايجبسٽن ۾ انگلينڊ خلاف ٽِين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 133 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان طرفان رڳو سعود شڪيل ڊبل فگر ۾ داخل ٿي سگهيو، جڏهن ته انگلش بالنگ اٽيڪ آڏو ڪپتان بابر اعظم سميت ٽاپ آرڊر مڪمل طور بيوس نظر آيو.
انگلش ڪپتان جو روٽ ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم طرفان ٽن رانديگرن غازي غوري، محمد عمران ۽ رضا الله ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو.
شروعاتي ٻنهي ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست کانپوءِ پاڪستان اسڪواڊ ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار ڪئي وئي هئي.
ايجبسٽن ٽيسٽ جي شروعات کانپوءِ پهرئين ئي ڪلاڪ دوران پاڪستان پنهنجون 4 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون.
اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته انگلينڊ ۾ پهرين اننگز دوران ڪنهن ٽيم جا شروعاتي 5 بيٽر 10 رنسن تائين به نه پهچي سگهيا.
ان کان اڳ ڪنهن به ٽيم اهڙو رڪارڊ قائم نه ڪيو هو.
پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 8 رنسن تي ڪري، جڏهن صائم ايوب صفر تي اولي رابنسن جو شڪار بڻيو، اها رابنسن جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 100هين وڪيٽ هئي.
ٻئي اوپنر آذان اويس ٻن چوڪن جي مدد سان 9 رنسون ٺاهيون، پر جوفرا آرچر کيس سوگهو ڪري ورتو.
ون ڊائون تي آيل عبدالله شفيق 3 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ رابنسن جو ٻيو شڪار بڻيو.
چوٿين وڪيٽ شان مسعود جي صورت ۾ ڪري، جيڪو آرچر جي شارٽ بال تي مڊ وڪيٽ تي ڪيچ ڏئي ويٺو.
پنجون آئوٽ ٿيندڙ پاڪستاني بيٽر ڪپتان بابر اعظم هو، جنهن رڳو 7 رنسن جي اننگز کيڏي.
محمد رضوان جي جاءِ تي ڊيبيو ڪندڙ وڪيٽ ڪيپر غازي غوري آئوٽ ٿيندڙ ڇهون رانديگر هو، جڏهن ته ڊيبيو ڪندڙ ٻئي رانديگر محمد عمران جي وڪيٽ 86 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪري.
ماني جي وقفي تائين پاڪستان 100 رنسن تي 7 وڪيٽون وڃائي چڪو هو.
مانيءَ جي وقفي کانپوءِ رضا الله 11 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، پاڪستان جي نائين وڪيٽ سعود شڪيل جي صورت ۾ ڪري، هو 43 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان کانپوءِ محمد عباس ۽ محمد علي وچ ۾ آخري وڪيٽ لاءِ 27 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي، محمد عباس 21 رنسن جي اننگز کيڏي آرچر جو ٽيون شڪار بڻيو، جڏهن ته محمد علي 5 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.
انگلش بالرن مان جوش ٽنگ 4، جڏهن ته اولي رابنسن 3 ۽ جوفرا آرچر 3 وڪيٽون ورتيون.
وشل ميڊيا تي ڪيئي واهپيدار پاڪستاني بيٽرن جي ڪارڪردگي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏئي رهيا آهن.
برطانوي صحافي پيئرز مورگن تبصرو ڪندي چيو ته ”پاڪستان جي بيٽنگ انتهائي مايوس ڪندڙ رهي، اهو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿئي ٿو، خاص طور تي ان ڪري جو ماضيءَ هن ملڪ ڪيترائي عظيم رانديگر ۽ ٽيمون پيدا ڪيون آهن، هي شرم جوڳي ڳالهه آهي.“
ايڪس تي لارنس بوٿ لکيو ته” هي ڪنهن به حوالي سان ڪو مقابلو محسوس نٿو ٿئي.“
ڪرڪيٽ تجزيي نگار اياز ميمڻ جو چوڻ هو ته ”ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ئي ڪلاڪ ۾ 4 وڪيٽون ڪِري پيون، جنهن سبب پاڪستاني بيٽنگ مڪمل تباهي جو منظر پيش ڪري رهي آهي.“
اهڙيءَ ريت عاطف نواز ايڪس تي لکيو ته” مان مڪمل طور سمجهان ٿو ته پي سي بي انتظاميا، سليڪٽرن ۽ مسلسل افراتفري پاڪستاني ٽيم لاءِ حالتون سوليون نه ڪيون آهن، پر پاڪستاني بيٽرن کي به پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو جوابده هئڻ گهرجي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”شاٽس جي چونڊ انتهائي خراب رهي، سعود شڪيل کي ڇڏي، هڪ ڀيرو ٻيهر انتهائي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي نظر آئي.“
احسن افتخار جي راءِ آهي ته ”پاڪستاني بيٽر ڊگمگائيندڙ سيم جو جارحاڻي انداز ۾ مقابلو ڪري سگهيا ٿي، پر پاڪستان جي اها بيٽنگ انهن بالرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڏاڍي ڪمزور آهي ۽ تازن واقعن کانپوءِ اهڙي صورتحال ۾ اها اميد نٿي رکي سگهجي ته هو بيٽنگ لاءِ سڀ کان سازگار پچن تي به بي خوف انداز اختيار ڪري سگهندا.“
مغيره رئيس لکيو ته ”هڪ ڀيرو ٻيهر بابر اعظم ناڪام ٿي ويو، هاڻي سندس ڪجهه مداح چوندا ته لو بال هو، پر ائين بلڪل ناهي، ٽيڪنيڪ صاف خراب آهي.“
هن چيو ته ”پهريان بالر ٻه بال ٻاهر ڪيا ۽ ٽئين بال کي اندر آندو، پر سندس بيلنس ۽ جسم جي پوزيشن ايتري خراب هئي جو ڇا چئجي.“
وليد نالي هڪ واهپيدار طنز ڪندي چيو ته ”بابر اعظم 93 رنسن جي معمولي فرق سان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻي سينچري ٺاهڻ کان رهجي ويو.“
صحافي قادر خواجا سوال ڪيو ته ڪنگ بابر اعظم وڏي اننگز ڇو نٿو کيڏي سگهي؟ هو ڪنگ آهي، اسان کي سندس ڪارڪردگي گهرجي، هاڻي ماڻهو چوندا ته باقي رانديگرن جي ڳالهه به ڪريو، ته باقي رانديگرن کي ماڻهو ڪنگ نٿا چون.
”تون هَلُ، مان آيُس“، انگلينڊ خلاف پاڪستاني بيٽر وري ناڪام، سڄي ٽيم ٽِين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 133 رنسن تي ڍير
You might also like