9 سالن کان گم ٻار جي ڳولا ۽ ڀوائتا راز…! پرينيتي چوپڙا جي پهرين ويب سيريز ”شڪ“ رليز لاءِ تيار

ممبئي (ويب ڊيسڪ)هڪ ماءُ جي گم ٿيل ٻار جي ڳولا ۾ 9 سالن جي جدوجهد تي ٻڌل تجسس سان ڀرپور ويب سيريز ”شڪ: ٽرسٽ نو ون“ جو پريميئر 24 سيپٽمبر تي نيٽ فلڪس تي ٿيندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هي پراسرار ٿرلر سيريز اعتماد ۽ شڪ، وجدان ۽ حقيقت، محبت ۽ جنون جي وچ ۾ موجود نازڪ حد کي موضوع بڻائي ٿي، جتي ظاهري طور ڪجهه به ۽ ڪو به اهڙو ناهي، جيئن نظر اچي ٿو.
الڪيمي فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ سيريز رنسل ڊي سلوا ۽ سڌارٿ پي ملهوترا جي تخليق آهي، جڏهن ته رنسل ڊي سلوا ئي ان جي هدايتڪاري پڻ ڪئي آهي.
سيريز ۾ مُک ڪردار اداڪارا پرينيتي چوپڙا ادا ڪري رهي آهي، جيڪا پهريون ڀيرو ڪنهن ويب سيريز ۾ نظر ايندي.
هوءَ اهڙي ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪا پنهنجي گم ٿيل ٻار جي 9 سالن کان ڳولا ڪري رهي آهي، پر جڏهن ڪجهه جواب سامهون اچڻ شروع ٿين ٿا ته هڪ ڀوائتو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هوءَ پنهنجي ويجهن ماڻهن تي ڀروسو ڪري سگهي ٿي؟
نيٽ فلڪس انڊيا جي سيريز هيڊ تانيا بامي موجب، ”شڪ“ هڪ جذباتي ڪرائيم ڊراما آهي، جنهن ۾ ٿرلر جا عنصر پڻ شامل آهن ۽ ان جو مرڪز هڪ ماءُ جي پنهنجي ٻار جي ڳولا ۾ 9 سالن جي اڻٿڪ جاکوڙ آهي.
سيريز ۾ پرينيتي چوپڙا سان گڏ سوني رازدان، انوپ سوني، جنيفر ونگٽ، طاهر راج ڀاسين، هرلين سيٺي، ڌرو چوڌري ۽ سميت وياس پڻ اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا.
”شڪ: ٽرسٽ نو ون“ جو پريميئر 24 سيپٽمبر تي نيٽ فلڪس تي ٿيندو.

You might also like