ڪراچي جي ميئر خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ رابطو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ اهم مشاورت ٿي آهي.
نئين انتظامي يونٽن يا صوبن جي قيام جي حمايت ڪندڙ وزيرن ۽ طاقتور ڌرين پاڪستان پيپلزپارٽي تي سياسي دٻاءُ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ جي سٽي ڪائونسل ميمبرن اداري نورِ حق ۾ جماعت اسلامي جي مقامي قيادت سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن موجب، ٻنهي جماعتن وچ ۾ ميئر ڪراچي خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ لاءِ ٻين سياسي ڌرين سان صلاح مشورو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ سيپٽمبر 2025ع ۾ به پي ٽي آءِ جماعت اسلامي سان گڏجي مرتضيٰ وهاب خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ چاهي پئي، پر ان وقت جماعت اسلامي مختصر عرصي لاءِ پنهنجو ميئر بڻائڻ کان معذرت ڪئي هئي.
بهرحال ملڪ ۾ نون انتظامي يونٽن ۽ صوبن بابت بحث کانپوءِ هاڻي سياسي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي ۽ مقتدر حلقا ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ميئرن جي تبديلي پڻ چاهين ٿا.
بلديه عظمى ڪراچي جي سٽي ڪائونسل ۾ مجموعي طور 367 سيٽون آهن، جتي بي اعتمادي رٿ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ 184 ووٽن جي ضرورت آهي.
ڪائونسل ۾ جماعت اسلامي جا 128 ميمبر آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي 61 ميمبرن مان مرتضيٰ وهاب جي چونڊ وقت 31 ميمبر غير حاضر رهيا هئا ۽ 29 ميمبرن حافظ نعيم الرحمان کي ووٽ ڏنو هو.
جيڪڏهن غير حاضر رهندڙ ميمبر هن ڀيري ووٽ ڏين ٿا ته انهن جو انگ 189 ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ پيپلزپارٽي لاءِ پنهنجي اڪثريت برقرار رکڻ ممڪن نه رهندو.
ان کانسواءِ مسلم ليگ ن جا 14، جي يو آءِ جا 4 ۽ ٽي ايل پي جا 2 ميمبر پڻ رٿ جي حمايت ۾ ٻڌايا پيا وڃن، جڏهن ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع تحت بي اعتمادي رٿ لاءِ ڪنهن مخصوص تعداد جي شرط پڻ موجود ناهي.

You might also like