لاهور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان صوبن ٺاهڻ جي خلاف ناهيون، پر وقت ۽ حالتن کي به ڏسڻ گهرجي، هڪ طرفو ڪو فيصلو مڙهڻ بدران ان تي بحث ٿيڻ گهرجي.
لاهور جي وحدت روڊ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ختمِ نبوت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 6 سيپٽمبر 1965 پاڪستان جي جاگرافيائي سرحدن جي تحفظ جو واقعو آهي، جڏهن ته 7 سيپٽمبر 1974 پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جي تحفظ جو ڏينهن آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ کي سياسي طور هيڻو ڪيو ويو آهي، عوام آهي ته رياست آهي، اسان يونٽ ٺاهڻ جي خلاف ناهيون، اسان صوبن ٺاهڻ جي خلاف ناهيون، پر وقت ۽ حالتن کي به ڏسڻ گهرجي. هڪ طرفو ڪو فيصلو مڙهيو نه وڃي، ان تي بحث ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته صوبن ۾ معدني ذخيرا موجود آهن ۽ 18هين ترميم تحت صوبا انهن جا مالڪ آهن. سياسي جماعتن کي ان معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته پيپلزپارٽي رڳو سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿي، ن ليگ خاموش آهي، نون صوبن لاءِ هڪ ”ڪاڪي“ کي اڳيان ڪيو اٿن، جنهن جي حيثيت ذاتي نوڪر جيتري آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ٻه قومي نظريي جي بنياد تي هڪ قوم نه بڻجي سگهياسين، هتي لساني بنيادن تي وڳڙ ڪرايا ويا، اسان پاڪستان جي بنياد ٻاهرين قرضن تي رکي ڇڏي آهي.
هن چيو ته نوآبادياتي نظام ختم ٿي چڪو آهي، پر عالمي ادارا اڄ اسان جي ملڪ جا فيصلا ڪن ٿا. اڄ اسان عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي قرضن جا محتاج بڻجي ويا آهيون.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان جي معيشت جون پاليسيون اهي طئي ڪن ٿا ته اهو به نوآبادياتي نظام جي ئي هڪ شڪل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان جي غريب انسان کي عزت واري زندگي ڏيڻ چاهيون ٿا، اشرافيه جي سياست ۽ جابراڻي سياست نه هلندي، طاقت جي بنياد تي مڙهڻ واري سياست به نه هلندي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي رڳو سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿي، نون ليگ خاموش آهي، نون صوبن لاءِ هڪ ”ڪاڪي“ کي اڳيان ڪيو اٿن، جنهن جي حيثيت ذاتي نوڪر جيتري آهي: مولانا فضل الرحمان
You might also like