حسن علي جي زال انسٽاگرام تان مڙس جون تصويرون ڊليٽ ڪرڻ کانپوءِ کيس اَن فالو ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر حسن علي جي گهرواري سامعه خان جي انسٽاگرام اسٽوري سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي.
سامعه خان ويجهڙ شادي شده مردن سان لاڳاپا رکڻ وارين عورتن بابت هڪ اسٽوري شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ اهڙين عورتن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، جيڪي شادي شده شخص سان تعلق قائم ڪن ٿيون.
هن لکيو ته ”جيڪي ڇوڪريون پئسن خاطر شادي شده ۽ ٻارن جي پيءُ سان لاڳاپا قائم ڪن ٿيون ۽ اهو سمجهن ٿيون ته شايد هڪ ڏينهن اهو شخص ساڻن شادي ڪندو، لعنت آهي اهڙين ڇوڪرين تي.“
پر معاملو ان وقت وڌيڪ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، جڏهن سامعه خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان سموريون پوسٽون ڊليٽ ڪري حسن علي کي به ان فالو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪجهه وقت کانپوءِ هن حسن علي کي ٻيهر فالو ڪري ورتو.
سامعه خان جي غير واضح پوسٽ ۽ انسٽاگرام تي ٿيندڙ ڦيرڦار کانپوءِ سوشل ميڊيا تي معاملو بحث هيٺ آيو ۽ ٻنهي جي ازدواجي زندگي ۾ مبينا مسئلن بابت مختلف اڳڪٿيون شروع ٿي ويون.

You might also like