ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٽرين جون 6 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، ٽرين جي زد ۾ اچي هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
ريلوي پوليس جي اختيارين موجب حيدرآباد ڀرسان مال گاڏي جون 6 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.
ريلوي پوليس موجب حادثو ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن جي يارڊ مان نڪرندي ئي پيش آيو. مال گاڏي ۾ ڪوئلو ڀريل هو.
ٻئي پاسي ريلوي جي ترجمان ۽ ڊي سي او ڪراچي جهان بابر جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوٽڙي ۾ مال بردار گاڏي جون 7 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.
سندس چوڻ هو ته حادثو 4 وڳي پيش آيو، جڏهن ته 5 وڳي ڪراچي مان امدادي ٽرين رواني ڪئي وئي.
ڪراچي ريلوي جي ترجمان ٻڌايو ته حادثي سبب اپ ٽريڪ بند ٿي ويو آهي. ڊائون ٽريڪ تان اپ ٽريڪ جون ٽرينون روانيون ڪيون وينديون.
سندس چوڻ هو ته رات 12 وڳي تائين ريلوي ٽريڪ بحال ٿيڻ جي اميد آهي. حادثي ۾ ريلوي جو هڪ ملازم فوت ٿي ويو آهي.