بلاول کي مڃڻ گهرجي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سندس حڪومت پئي ڪري: سهيل آفريدي

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته رستي ۾ ڀلي ڪيتريون به رڪاوٽون وجھو، ڪراچي لازمي پهچندس.

سهيل آفريدي ٽنڊو ڄام ٽول پلازا، عمر ۽ حيدرآباد ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته بلاول زرداري لاءِ منهنجو پيغام آهي ته اوهان مڃو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو اوهان جي حڪومت ڪري رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ائين ناهي ته نالو وٺي ٻڌايو ته اهو ڪير ڪري رهيو آهي. اوهان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيو، اهو سنڌ جي روايت ناهي. منهنجو واعدو آهي ته ڪراچي پهچڻ کانسواءِ سنڌ ڇڏي نه ويندس.

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ جي روايت آهي ته مهمانن جو استقبال ڪيو ويندو آهي. رستي ۾ ڀلي ڪيتريون به رڪاوٽون وجهن، پر ڪراچي لازمي پهچندس.

هن خطاب ڪندي چيو ته رڳو حيدرآباد نه، پر سڄي ملڪ ۾ اوهان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. اهي ماڻهو نه اڳ پاڪستان سان مخلص هئا ۽ نه ئي اڳتي ٿيندا. انهن پنهنجي مفادن کي سڀ کان مٿانهون رکيو آهي.

سهيل آفريدي چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ مخصوص خاندانن جون حڪومتون ٺهنديون رهيون آهن. مان به ڪارڪن رهيو آهيان، اوهان وانگر جلسن ۾ ڪڏهن پنڌ، ته ڪڏهن رڪشن ۾ سفر ڪندو هوس.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف عام ماڻهو کي موقعو ڏئي ٿي ته هو وڏو وزير بڻجي سگهي. انهن نوجوانن ئي پاڪستان جي اقتدار جون واڳون سنڀالڻيون آهن.

You might also like