مريم نواز پنجاب کي صوبن ۾ موجود دهشتگردي جي خطرن بابت ڳالهه ڪئي: مريم اورنگزيب

ممبئي(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي دهشتگردي خلاف قدمن بابت ڳالهه ٻولهه کي سوشل ميڊيا تي منفي انداز ۾ پيش ڪرڻ افسوسناڪ آهي.

پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وڏي وزير دهشتگردن جي صوبن وچ ۾ چرپر ۽ درپيش خطرن بابت ڳالهائي رهي هئي.

مريم اورنگزيب چيو ته وڏي وزير مريم نواز صوبن ۽ انهن ۾ رهندڙ سمورين قومن جو هميشه احترام ڪري ٿي، جڏهن ته اهڙا عنصر دهشتگردن جا سهولتڪار آهن ۽ قوم ۾ ورهاست چاهين ٿا.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو هو ته پنجاب کي پاڙيسري ملڪ کان نه، پر ٻين صوبن مان ايندڙ دهشتگرديءَ جو خطرو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ امن امان تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

مريم نواز چيو هو ته صوبي جي سرحدي علائقن مان خطرا اچن ٿا، جن جي خاتمي لاءِ هاڻي گڏيل چيڪ پوسٽن کي مضبوط بڻايو ويو آهي. انٽيليجنس هب سلامتي وارن ادارن وچ ۾ رابطي ۽ سهڪار جو اهم مرڪز هوندو، جنهن جي قيام سان نواڻ ايندي.

You might also like