ايم ڪيو ايم اڳواڻ شرپسندي پيا ڪن! خيرات ۾ مينڊيٽ وٺي آيل ماڻهن وٽ صوبا ٺاهڻ جو اختيار ناهي: سنڌ حڪومت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت جي ترجمان سعمتا افضل سيد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي سنڌ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ واري بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ڪنهن جي سياسي جاگير ناهي، جو جڏهن چاهيو ان جو نقشو تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏي.

جاري ڪيل بيان ۾ سمعتا افضل سيد چيو ته مصطفيٰ ڪمال خلاف لائنز ايريا ڪيس ثابت ٿي چڪو آهي ۽ هو پاڻ کي بچائڻ چاهي ٿو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ پنهنجين مشڪلاتن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ شرپسندي تي ٻڌل بيانيو جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال صاحب، آئين جو حوالو ڏيڻ کان اڳ آئين پڙهي به وٺندا ڪريو. صوبا ٺاهڻ ڪنهن فرد، پارٽي يا خيرات ۾ مينڊيٽ وٺي آيل ماڻهن جو اختيار ناهي، جڏهن ته آئيني طريقيڪار تحت لاڳاپيل صوبائي اسيمبليءَ جي منظوري ضروري آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم واقعي نون صوبن جي قيام جي حامي آهي ته پنجاب اسيمبليءَ مان منظور ٿيل قراردادن بابت وزيراعظم کي چوي ته ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهيو وڃي.

سعمتا افضل سيد چيو ته رڳو سنڌ کي ورهائڻ جا خواب ڏسڻ سياست ناهي، پر ٻٽو معيار آهي. ايم ڪيو ايم جا اسيمبلي ميمبر ايوان اندر ڪجهه چون ٿا ۽ ٻاهر ڪجهه ٻيو.

هن چيو ته سنڌ اسيمبلي پنهنجي قرارداد منظور ڪري چڪي آهي ۽ سنڌ جا عوام به پنهنجو فيصلو ڏئي چڪا آهن. بار بار سنڌ جي ورهاڱي جو راڳ ڳائڻ رڳو سياسي انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪا اهڙي تختي ناهي، جنهن تي مصطفيٰ ڪمال جڏهن چاهي پنهنجي مرضيءَ سان نئون نقشو ڪڍي ڇڏي.

سمعتا افضل سيد مصطفيٰ ڪمال کي مخاطب ٿيندي چيو ته پهريان پنهنجو مينڊيٽ ثابت ڪريو، پنهنجي جماعت جو تضاد ختم ڪريو، پوءِ ڀاشڻ ڏيو.

You might also like