ڪراچي ۾ وڏي مظاهري جو اعلان، نوان يونٽ هاڻي خواهش نه بقا جو مسئلو بڻچي چڪا آهن: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۾ وڏي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو، مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ظلم جي ڪاري رات ختم ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي، نوان انتظامي يونٽ هاڻي ايم ڪيو ايم جي خواهش نه، پر پاڪستان جي بقا جو مسئلو بڻجي چڪا آهن.

اسڪيم 33 جي دوري دوران ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته رياست جا سمورا ٿنڀا سمجهي چڪا آهن ته ملڪ کي موجوده نظام سان بچائي نٿو سگهجي.

هن چيو ته ماضي ۾ صوبائي حڪومتن جي ناانصافين سبب نوجوانن هٿيار کنيا، جڏهن ته نوجوان هٿيار کڻي وٺن ٿا ته صوبائي حڪومت فوج کي غداريءَ جي نالي تي آپريشن لاءِ گهرائي وٺي ٿي. بلوچستان ۾ به نوجوانن صوبائي حڪومتن جي ناانصافين خلاف هٿيار کنيا.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته ملڪ جو سڙيل ۽ ڳريل نظام 70 سالن کان غدار پيدا ڪري رهيو آهي ۽ اسان 70 سالن کان فوج کي انهن سان وڙهائي رهيا آهيون.

هن چيو ته اسان سئو سال تائين هڪ ووٽ به نه ڏيون، تڏهن به گٽر جو ڍڪ نه لڳرائيندڙ وڏي وزير کي تبديل نٿا ڪري سگهون. وڏي وزير پاڻي فراهم ڪرڻ، جعلي ڊوميسائل ٺاهڻ، ڪوٽا نظام لاڳو ڪرڻ ۽ نيڪال واري نظام تائين جا اختيار پنهنجي هٿن ۾ رکيا آهن.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته انهن جي بوکلاهٽ ٻڌائي رهي آهي ته سندن اقتدار جو سج لهڻ وارو آهي. ڪراچي وارا پنهنجي نسل کي بچائڻ لاءِ هڪ وڏي مظاهري جي تياري ڪن، جڏهن ته نوان انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن سڄي ڪراچيءَ کي روڊن تي نڪرڻو پوندو.

هن چيو ته روڊن تي نڪري ڪراچي ٻڌائي ڇڏيندو ته هو ڇا ٿو چاهي.

مصطفيٰ ڪمال دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن پاڪستان غريب ملڪ هجي ها ته موجوده صورتحال ۾ صبر ڪري وٺون ها، پر هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ وفاق صوبن کي 8 هزار 884 ارب رپيا ڏنا آهن، جڏهن ته موجوده بجيٽ ۾ سنڌ کي 2 هزار 263 ارب رپيا مليا آهن.

هن موجب گذريل 18 سالن دوران سنڌ کي 22 هزار ارب رپيا ملي چڪا آهن. ڪراچي کي رڳو 300 ارب رپيا خرچ ڪري تعمير ڪيو ويو هو، جڏهن ته سندس نظامت واري دور ۾ ٿيل ترقيءَ کي ڪراچي وارا اڄ به ياد ڪن ٿا.

هن الزام هڻندي چيو ته اڄ حق گهرڻ تي باهه ان ڪري لڳل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن ٻئي ڪاروبار ۾ 22 هزار ارب رپيا نٿا ملي سگهن. سنڌ جا حڪمران اسان جي حصي جو پاڻي وڪڻي لنڊن، آمريڪا ۽ دبئي ۾ ملڪيتون ٺاهي رهيا آهن.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ٻاهرين سرحدن تي پاڻ کان ست ڀيرا وڏي دشمن کي ڌوڙ چٽائي چڪو آهي ۽ دنيا ۾ سپر پاورن وچ ۾ ڳالهين جو موضوع بڻجندڙ ملڪ بڻجي چڪو آهي.

هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان دنيا ۾ ٽين عالمي جنگ روڪرائڻ وارو ملڪ بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته سعودي عرب، ترڪي سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ پنهنجي دفاع کي پاڪ فوج سان ڳنڍيل سمجهن ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته ٻاهرين محاذن تي ڪاميابين باوجود اندروني طور پاڪستان جي حالت آفريقي ملڪن کان به وڌيڪ خراب آهي.

You might also like