ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ بار ڪائونسل پاران سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف 10 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سنڌ بار ڪائونسل طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، 10 سيپٽمبر تي ”سنڌ يونٽي ڊي“ ملهائي سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف احتجاج ڪيو ويندو.
سنڌ بار ڪائونسل موجب، 19 سيپٽمبر تي ڪراچي ۽ پهرين آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ڪنوينشن پڻ ڪوٺايا ويندا.
سنڌ بار ڪائونسل پاران امڪاني ورهاڱي خلاف 10 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان
You might also like