مصطفيٰ ڪمال جو وري ساڳيو پٽڪو، ٻيهر صوبن ۽ انتظامي يونٽن جو راڳ آلاپڻ لڳو!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته صوبن جي ڳالهه هجي يا انتظامي يونٽن جي، ايم ڪيو ايم پنهنجي موقف تي قائم آهي ۽ پنهنجي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي.
مصطفيٰ ڪمال انٽرنيشنل ٽريولرز ويڪسينيشن سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ 18 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، پر سنڌ ۾ بنيادي سهولتون موجود ناهن، هڪ گٽر به سنڀالي نٿا سگهن.
هن چيو ته صوبن جي ڳالهه هجي يا انتظامي يونٽن جي، ايم ڪيو ايم پنهنجي موقف تي قائم آهي ۽ پنهنجي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آندي، پاڪستان جو پئسو چئن صوبن بدران 20 ماڻهن ۾ ورهائجي ٿو.
وفاقي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم انتظامي يونٽ ٺاهڻ واري موقف تان پوئتي نه هٽي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين 80 سيڪڙو ماڻهن وٽ پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، هڪ پاسي ٽين عالمي جنگ روڪرائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، ته ٻئي پاسي ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب ٻار مري رهيا آهن.
مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته 27هين ترميم ۾ اختيار گهٽين ۽ پاڙن تائين پهچائڻ بابت ترميم هئي، ڀٽو جي ٺاهيل 1973ع جي آئين ۾ نون صوبن جي گنجائش موجود آهي.

You might also like